اينجيواسپرم (Angiosperms) ٻوٽي جا حصا

اينجيواسپرم (Angiosperms) ٻوٽي جا حصا

اينجيواسپرم (Angiosperms) ٻوٽي جي جسم کي ٻن حصن ۾ ورھائي سگھي ٿو.
(1)           غير پيدائشي حصا (Vegetative parts) ۽
(2)           پيدائشي حصا (Reproductive pants)


(1)           غير پيدائشي حصا (Vegetative parts)

غير پيدائشي حصن ۾ پاڙ، ٿڙ ۽ پن شامل آھن جڏھن ته پيدائشي حصي ۾ گل، ميوو ۽ ٻج شامل آھن.

پاڙ زمين ۾ اندر وڌندي آھي ھن جا ٽي قسم آھن پرائمري سيڪنڊري ۽ ٽرشري. پاڙ جو ڪم ٻوٽي کي زمين ۾ سڌو بيھارڻ ۽ زمين مان ٻوٽي لاءِ لوڻياٺ ۽ پاڻي جذب ڪرڻ آھي. ٿڙ زمين کان مٿي ٿيندو آھي جيڪو ٻوٽي کي سھارو ڏي ٿو جنھن ڪري ٻوٽو سڌو بيھي ٿو. 

ٿڙ جوڪم ٻوٽي کي سڌو  بيھارڻ ۽ پنن کان پاڙ تائين ۽ پاڙ کان پنن تائين کاڌي جي رسد ڪرڻ آھي. پنن جو رنگ سائو ٿئي ٿو. ٿڙ مان نڪرندڙ شاخن تي ٿين ٿا ٻوٽن جو ڪم فوٽوسينٿيسز جوعمل ڪرڻ آھي، جنھن ۾ ٻوٽي لاءِ کاڌو ٺھي ٿو پنن جو سائو رنگ ڪلوروپلاسٽ يا ڪلوروفل جي ڪري آھي.

(2)           پيدائشي حصا (Reproductive pants)
پيدائشي حصو گل آھي جنھن کي چار حصا آھن.  گل ھڪ ڏانڊي پيڊيسل تي لڳل ھوندو آھي. گل جو ٻاھريون گھيرو چار يا پنج پتين تي مشتمل ھوندو آھي جيڪو گل جي اندرين حصن جي حفاظت لاءِ آھي ٻيوحصو رنگين پنکڙين وارو آھي. اھي به چار يا پنج ٿين ٿيون. 

ھنن جو ڪم جيتن  کي ڪشش ڪرڻ آھي ته جيئين لڳ جو عمل ٿي سگھي ھي حصو رس وارو ۽ خوشبو وارو آھي. ٽيون حصو نر جزن تي مشتمل ٿئي ٿو. جنھن ۾ نر جزن تي ٻور ھوندو آھي.  چوٿون حصو مادي حصو آھي. جنھن ۾ مادي جزن تي مادي ٻور ھوندو آھي. نر ۽ مادي ٻور جي ملڻ سان ميوو ٺھي ٿو. جنھن ۾ اندر ٻج ٺھندا آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت