Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ناسٽڪ (Nostoc)

ناسٽڪ (Nostoc)

ناسٽڪ (Nostoc) جو تعلق ڪنگڊم پروڪيريوٽڪ (مونيرا) سان آھي.  ناسٽڪ ڌاڳي نما ٿيندو آھي. تمام گھڻيون ڌاڳي نما بناوتون آھن جيڪي جيلي دار مادي سان گڏجي بال جھڙيون بناوتون ٺاھين ٿا ۽ اھي پاڻي جي سطع تي ترنديون رھن ٿيون. ان جي ھڪ فلامينٽ موتيءَ جي داڻن جھڙي ٿيندي آھي.

ھر گھرڙي جي چوڌاري ٻٽي ڀت آھي. ٻاھرين ٿلھي ڀت سيلولوز ( Cellulose) ۽ پيڪٽن (Pectin)جي ٺھيل آھي پروٽوپلازم جو ٻاھريون رنگين حصو ڪروموپلازم (Chromoplasam)۽ اندريون بي رنگ حصو سينٽرو پلازم (Centroplasm) تي مشتمل ھوندو آھي ھن ۾ ايندو پلازمڪ ريٽيڪيولم مائٽوڪونڊريا، گالجي باڊيز ۽ وئڪيول ڪونه ٿين. سينٽرو پلازم ۾ DNA ڪروميٽن باڊي (Chromatin body)  جي صورت  ۾موجود ٿئي ٿو.

فلامينٽ ۾ ڪجھ وقفي تي وڏا بي رنگ ٿلھي  ڀت وارا گھرڙا ھيٽرو سسٽ (Hetrocyst) ٿين ٿا. جيڪي نائٽروجن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ وارو ڪم ڪندا آھن.


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more