ٻوٽن لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيميائي ڀاڻ جي اھميت
ٻوٽن لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيميائي ڀاڻ جي اھميت
زمين
مان لڳاتار فصل حاصل ڪرڻ ڪري مٽيءَ ۾موجود ڪجھ معدني آئنس گھٽجي ويندا آھن تنھنڪري
ھٿرادو ڀاڻ زمين ۾ ملائي معدني آئنس جو پورائو ڪيو وڃي ٿو. عام طور تي اھي ٽي غير
نامياتي عنصر جھڙوڪ نائٽروجن، فاسفورس ۽ پوٽاشيم ٿين ٿا. جيڪي لڳاتار فصل حاصل ڪرڻ
سبب زمين مان گھٽجي وڃن ٿا. اڪثر مارڪيٽ ۾ ملندڙ ڀاڻ ۾ (NPK) مخصوص ۽ مناسب تناسب سان ملندو آھي باغن ۾ عام
طور استعمال ٿيندڙ ڀاڻ ۾
(NPK) جو تناسب وزن جي لحاظ کان 5 - 10 - 5 ھوندو آھي.
نائٽروجن
کي مٽي ۾ امونيم نائٽريٽ يا امونيم سلفيٽ جي صورت ۾ به ملايو ويندو آھي، فاسفورس ۽
پوٽاشيم سپر فاسفيٽ ۽ پوٽاشيم ڪلورائيڊ جي صورت ۾ به ترتيب وار شامل ڪيا ويندا آھن.
Comments
Post a Comment