فنجائي جا فائدا

فنجائي جا فائدا

فنجائي مان ھيٺ ذڪر ڪيل فائدا ملندا آھن.
(1)           غذا (Food)
کنڀيون کاڌي طور استعمال ٿين ٿيون اھي ذائقيدار ۽ پروٽين سان ڀرپور ٿين ٿيون جھڙوڪ ميداني کنڀي، بٽڻ کنڀيون وغيرھ. اھا ڳالھ به ياد رکڻ گھرجي ته سڀ کنڀيون نٿيون کاڌيون وڃن ٽوڊ اسٽول (Toad stool) يا ڊيٿ اسٽول(Death stool) کنڀيون زھريليون ٿين ٿيون. خمير (Cheese) ۽ نامياتي تيزاب مختلف صنعتن ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن.

(2)           دوائون (Medicines)
فنجائي جي ڪري متعارف ٿيل دوائون پينسيلين(Penicillin)، ڪلورومائيسٽين(Chloromycetin)، نيومائسين(Neomycin)، ٽيرامائسين (Teramycin)  وغيرھ آھن.

(3)           زمين جي زرخيزي (Soil fertility)
فنجائي مئل نامياتي مادن کي ڪارائتن مادن ۾ تبديل ڪري زمين جي زرخيزي وڌائين ٿيون.

(4)           فرمينٽيشن (fermentation)
فنجائي جي فرمينٽيشن واري صلاحيت کي ايٿينول (Ethanol) نامياتي تيزاب ۽ الڪوحل ٺاھڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. سيڪرومائيسس سيري ويسي (Sacharomyces cerevisae) يا بريور خمير (Brewers yeast) ۽ مختلف قسمن جي وٽامن بي (Vitamin-B) جي جوڙجڪ ڪري ٿو.

(5)           غذا کي خراب ڪرڻ (Food spoilage)
فنجائي غذا جي ھڪ وڏي مقدار کي ڳريل سڙيل مادن ۾ تبديل ڪري ٿي.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت