اڻ مڪمل جملا مڪمل ڪريو - سنڌي گرامر


اڻ مڪمل جملا مڪمل ڪريو

اڻ مڪمل جملا
مڪمل جملا
آئون اچان 
آئون اچان ٿو.
ھوئ ڪتاب 
ھوءَ ڪتاب پڙھي ٿي.
انور ڪاپي 
انور ڪاپي خريد ڪندو.
اسلم ماني 
اسلم ماني پيو کائي.
منير پڙھي پوءِ 
منير پڙھي پوءِ لکندو.
سلمه ٻوڙ 
سلمه ٻوڙ رڌي پئي.
احمد اڄ 
احمد اڄ ايندو.
ڇوڪريون اسڪول 
ڇوڪريون اسڪول وڃن ٿيون.
سڀاڻي موڪل 
سڀاڻي موڪل آھي.
اڄ اسڪول 
اڄ اسڪول وڃڻو آھي.
تون ڇا  … ؟
تون ڇا پيو ڪرين؟
اھي ڪيڏانھن  … ؟
اھي ڪيڏانھن ويا؟
پنھنجو ڪم پاڻ 
پنھنجو ڪم پاڻ ڪريو.
رات ڏينھن 
رات ڏينھن علم حاصل ڪريو.
پنھنجو وقت نه  … !
پنھنجو وقت نه وڃايو!
آمنه سٺو 
آمنه سٺو لکي ٿي.
ھاجران پڙھڻ ۾ 
ھاجران پڙھڻ ۾ تيز آھي.
ڇوڪر ڊوڙي 
ڇوڪر ڊوڙي ٿو.
ڇوڪري راند پئي 
ڇوڪري راند پئي ڪري.
ڏند صاف 
ڏند صاف ڪر!
وار ننڍا 
وار ننڍا رک!
صبح جو سوير 
صبح جو سوير اٿ.
استاد جو 
استاد جو ادب ڪريو.
شاگرد سان سٺو سلوڪ 
شاگرد سان سٺو سلوڪ ڪريو.
غريب جي مدد 
غريب جي مدد ڪريو.
امير جي عزت 
امير جي عزت ڪريو.
وڏن جو 
وڏن جو ادب ڪريو.
ننڍن سان 
ننڍن سان پيار ڪريو.
مسڪينن جي پر 
مسڪينن جي پرگھور لھو.
سج صبح جو 
سج صبح جو روشني ڪندو آھي.
چنڊ رات جو ڏسي 
چنڊ رات جو ڏسي سگھو ٿا.
ڀاءُ کي پاڻي  … !
ڀاءُ کي پاڻي پيار!
دوست جي ڳالھ  … !
دوست جي ڳالھ مڃ!
ميز تي ڪتاب 
ميز تي ڪتاب رکيو آھي.
ڪرسيءَ تي ماڻھو 
ڪرسيءَ تي ماڻھو ويٺو آھي.
ڪالھ ڪير آيو  … ؟
ڪالھ ڪير آيو ھو؟
اڄ ڪير  … ؟
اڄ ڪير ايندو؟
ادا اچ ته  … !
ادا اچ ته ھلون!
ھن کي رستو 
ھن کي رستو ڏيکار.
نماز 
نماز پڙھ.
روزا 
روزا رک.
اڄ عيد 
اڄ عيد آھي.




Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت