جيوگھرڙي جي ورھاست مياسز (Meiosis)

جيوگھرڙي جي ورھاست مياسز (Meiosis)

مياسز جيوگھرڙي جي اھڙي ورھاست آھي جنھن ۾ آخر ڪار جيوگھرڙو چار ڌيئر جيوگھرڙن ۾ ورھائجي ٿو ۽ ھر ھڪ ڌيئر جيوگھرڙ۾ موجود ڪروموزومس جو تعداد جي اڌ آبائي جيوگھرڙي ۾ موجود ڪروموزومس جي اڌ جيترو ھوندو آھي. ھي تخفيفي ورھاست آھي.

مياسز جي عمل دوران ٻه ترتيب وار ورھاستون ٿين ٿيون.
(الف) مياسز I  
(ب) مياسز II

(الف) مياسز I  (Meosis I)
ھي تخفيقي مرحلو آھي ھن ۾ ھيٺيان مرحلا اچن اچن ٿا.

(1)           پرفيز  I  (Prophase I)
جيوگھرڙي جا ھڪجھڙا ڪروموزومس جوڙن جي صورت ۾ موجو ھوندا آھن  تن ۾ ڪراسنگ اوور (Crossing over) جو عمل ٿئي ٿو ۽ نيوڪليس جو پڙدو غائب ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ساڳئي وقت وڪوڙيل ريشا (Spindle fibres) ٺھڻ شروع ٿين ٿا.

(2)           ميٽا فيز II    (Metaphase II)
ھن مرحلي دوران ھڪجھڙا ڪروموزوس جوڙا پنھنجو پاڻ کي وڪوڙيل ريشن جي خط استوا وٽ گڏ ڪن ٿا ھتي ھر اڪيلو ڪروموزوم ھڪ جدا ڌاڳي سان پنھنجو پاڻ کي اٽڪائي رکي ٿو.

(3)            ائنافيز II    (Anaphase II)
ھاڻي ھڪجھڙا ڪروموزوس جا جوڙا ڌار ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ الڳ ٿي مختلف قطبن ڏانھن ھلڻ لڳن ٿا.

(4)           ٽيلوفيز  II   (Telophase II)
ڪروموزومس قطبن وٽ پھچي بيھي رھن ٿا. نيوڪليس جو پڙدو ھر ڪروموزومس جي ميڙ ٻاھران وري ٺھڻ شروع ٿئي ٿو نتيجي ۾ ٻه ڌيئر جيوگھرڙا ٺھن ٿا. ھر ھڪ ۾ ڪروموزومس جو تعداد پنھنجي آبائي گھرڙي کان اڌ (ھئپلائيڊ  Haploid) آھي.

(ب) مياسز II (Meosis II)
ھن مرحلي ۾ مائٽوسز وانگر ورھاست ٿيندي آھي.
(1)           پروفيز  II  (Metaphase II)
ھن ۾ وڪوڙيل ريشا ٺھن ٿا ۽ نيوڪليس جو پڙدو غائب ٿئي ٿو.

(2)           ميٽافيز  II  (Metaphase II)
ڪوموزومس الڳ الڳ ٿي وڪوڙيل ريشن سان ملي خط استوا تي پنھنجو پاڻ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪن ٿا.

(3)           ائنا فيز  II  (Anaphase II)  
ڪروميٽڊس الڳ ٿي مخالف قطبن وٽ پھچي وڃن ٿا.

(4)           ٽيلوفيز  II  (Telophase II)
مرڪز واري جھلي ٻيھر ٺھڻ لڳي ٿي ۽ جيوگھرڙو ٻن ڌيئر گھرڙن ۾ ورھائجي وڃي ٿو. ميسز جي اھڙي عمل ۾ ھڪ ڊپلائيڊ (2n)  گھرڙي مان آخرڪار چار ھئپلائيڊ (n)گھرڙا وجود ۾ اچن ٿا. اھڙي طرح مياسز جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ گھرڙن ۾ ڪروموزومس جو تعداد ھئپلائيڊ ھوندو آھي.





Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت