الجي ۽ الجيءَ جون خاصيتون

الجي  (Algae)

الجيءَ جو اصطلاح پاڻيءَ جي ھڪ وڏي ۽ مختلف قسم وارن جاندارن جي گروھ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. الجي ھڪ گھرڙي وارا به آھن ته گھڻا گھرڙا به ٿين ٿا. الجي پاڻيءَ ۾ ٿيندي آھي. الجي جي گروھ بندي پگمينٽ (رنگ) جي قسمن مطابق ڪئي ويندي آھي. الجي جي سڀني قسمن ۾ ڪلوروفل ضرور ھوندو آھي پر ان سان گڏ ٻين رنگن وارا پگمينٽ به موجود ھوندا آھن. الجيءَ جي گروھ بندي بايو ڪيميڪل فرق جي بنياد تي به ڪئي ويندي آھي. 

الجي کي پھرين ته ٻن گروھن ڪنگڊم پلانٽي ۽ ڪنگڊم پروٽسٽا ۾ رکيو ويو ھو پر نئين نظام ۾ سڀ الجي کي پھرين ته ٻن گروھن ڪنگڊم پلانٽي ۽ ڪنگڊم پرٽستا ۾ رکيو ويو ھو پر نئين نظام ۾ سڀ الجي کي ڪنگڊم پروٽوڪٽسٽا ۾ رکيو ويو آھي.

ھڪ گھرڙي واري الجي جو مثال ڪلئميڊوموناس ۽ گھڻ گھرڙي واري الجي جو مثال سرگاسم آھي.

الجيءَ جون خاصيتون
الجيءَ جون خاصيتون ھن ريت آھن.
(1)           الجي پاڻيءَ ۾ ٿيندي آھي.
(2)           الجي ھڪ گھرڙي کان گھڻ گھرڙي تائين واري ٿئي ٿي.
(3)           ھن ۾ رنگ دار مادو پگمينٽ ٿئي ٿو.
(4)           ڪلوروفل سڀني قسمن ۾ موجود آھي.
(5)           گھرڙي جي ڀت ۾ڪيميائي مرڪب کاڌي جي صورت ۾ گڏ ٿين ٿا.
(6)           الجي سائي، سونھري، ناسي ۽ ڳاڙھي رنگ ۾ ملي ٿي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت