ايگيريڪس کنڀي , پينسيليم , اسٽيلاگو

ايگيريڪس کنڀي (Agaricus Mushroom)

ايگريڪيس جون ڪجھ جنسون جھڙوڪ بٽڻ کنڀي (Button mushroom) ايگريڪيس ڪيمپيسٽرس (Agaricus campestris) کي غذا طور استعمال ڪجي ٿو. ھنن جي پوک لاءِ چٽيون ڪوششون ورتيون وڃن. ڪجھ قسم گند ڪچري ۾ ڳريل مواد مٿان پيدا ٿين ٿيون جن جو ذائقو سٺو ھوندو آھي. ۽ پرٽين به ڪافي مقدار ۾ موجود ھوندو آھي. ھنن جي پوکائي ٿوري جڳھھ ۾ گھڻي پيداوار ڏيندڙ آھي. ۽ ھي ٿوري وقت ۾ گھڻو نفعو ڏيندڙ آھن. ھن جا اڪثر قسم ڀٽن تي پاڻ مراد ڦٽل  ڏسڻ ۾ ايندا آھن.

پينسيليم (Penicillium)

پينسيليم معاشي طور مکيھ فنجائي مان ھڪ آھي ھن جي ڪجھ جنسن مان مشھور ائنٽي بايوٽڪ دوا پينسلين (Penicillin) ٺھندي آھي جڏھن ته ٻيون جنسون پنير (Cheese) خاص ذائقو ۽ خوشبو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ٿيون. ھي فائديمند فنجائي آھي.

اسٽيلاگو (Ustelago)

اسٽيلاگو فنجائي جي انھن قسمن مان ھڪ آھي جيڪي اناج وارن فصلن تي رسٽ  (Rust) ۽ سمٽ (Smut) بيماريون پيدا ڪن ٿيون. ھي نقصان ڪار فنجائي آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت