وائرس جي دريافت , خاصيتون, بناوت , قسم

وائرس جي دريافت

ارڙھين صديءَ کان وٺي سائنسدان چئي رھيا ھئا ته بي شمار بيماريون بئڪٽيريا جي ڪري پيدا ٿي رھيون آھن، پر انھن مان ڪجھ بيمارين کين ڏاڍو پريشان ڪيو جھڙوڪ تماڪ جي پنن تي ٿيندڙ موزائيڪ (Mossaic) بيماري سائنسدانن جڏھن غور وفڪر ڪيو تڏھن ھڪ روسي سائنسدن 2981ع ۾ ٻڌايو ته اھا بيماري بئڪٽيريا کان به ننڍي شيءِ جي ڪري ٿي رھي آھي انھيءَ ننڍي شيءِ کي وائرس ( Virus) نالو ڏنو ويو. وائرس مرڪب خوردبين سان به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. 1935ع  ۾ جڏھن اليڪٽرانڪ خوردبين ايجاد ٿي تڏھن وائرس جو راز کليو ته وائرس ڇا آھي ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿو.


وائرس جون خاصيتون

وائرس جون خاصتون ھيٺ بيان ڪجن ٿيون:
(1)           وائرس بنا گھرڙي وارا ۽ مڪمل مفت خور آھن.
(2)           وائرس پروٽين جي خول (Protein coat) ۽ نيو ڪليئڪ ائسڊ (Nucleic acid)  جي تهن جا ٺھيل آھن.
(3)           ميزبان کان ٻاھر نه پيدائش ڪن ٿا ۽ نه زندھھ رھن ٿا.
(4)           ھنن ۾ واڌ ريپليڪيشن (Replication)  واري طريقي سان ٿيندي آھي.
(5)           ھي پنھنجي پروٽين ۽ نيوڪليئڪ ائسڊ ٺاھڻ لاءِ ميز بان گھرڙي جا اينزائيم استعمال ڪندا آھن.

وائرس جي بناوت

وائرس شڪل ۾ گول، لٺ دار ۽ گھڻا پاسائا ٿين ٿا وائرس نيوڪليئڪ ائسڊ، خول، لفافي ۽ پڇ جي تاندورن تي مشتمل ٿي سگھي ٿو. ڪجھ وائرس ۾ واڌو بناوتون به موجود ھونديون آھن جن کي وائرس جو ٻاھريون خول چئبو آھي. سادي وائرس ۾ ھڪ ماليڪيول نيوڪليئڪ ائسڊ DNA يا RNA جو ٿيندو آھي جيڪو پروٽين جي خول سان لڪوڙيل ھوندو آھي. جڏھن ته پرٽين جو خول پروٽين جي مختلف ماليڪيولن تي مشتمل ھوندو آھي.

ڪجھ بئڪٽيريائي وائرس يا بئڪٽيريا فيج ( Bacteriophage) جيڪي دراصل پيچيدا وائرس آھن انھن ۾ پنجن قسمن جا پروٽين ٿيندا آھن. اھي پروٽين مٿو (Head) پڇ (Tail)، ٻاھريون خول (Capsid) پڇ واري بنيادي پليٽ ۽ پڇ جا تاندورا ٺاھيندا آھن. مٿي ۾  DNA جو ھڪ پيچيدا ماليڪيول ٿيندو آھي.


وائرس جا قسم
وائرس جا ٽي قسم ٿيندا آھن.
(1)           نباتياتي وائرس (Plant virus)
(2)           حيوانياتي وائرس (Animalvirus)
(3)           بئڪيٽريائي وائرس (Bacteriophage)

پھرين قسم جا وائرس ٻوٽن ۾ ٻئي قسم جا وائرس جانورن ۾ ۽ ٽئي قسم جا وائرس بئڪٽيريا ۾ بيماريون پيدا ڪندا آھن.


وائرس جاندار آھن يا بي جان ؟

جيئن ته وائرس اڻ گھرڙائي بناوت وارا آھن. انھن ۾ ڪرسٽلائيزيشن جو عمل ٿئي ٿو ۽ ميزبان گھرڙي کانسواءِ غيرمتحرڪ رھن ٿا. پر تنھن ھوندي به ھيٺ ڏنل خاصيتن جي آڌار تي  وائرس کي جاندار سڏيو ويو آھي.

(1)             DNA يا   RNA جي چوڌاري پروٽين وڪوڙيل آھي جيڪا ٻين جاندارن جي ڪروموزوم جي ھمشڪل آھي.
(2)           انھن ۾ پيدائشي عمل ريپليڪيشن جي صلاحيت موجود ھوندي آھي.
(3)           ڪيترن ئي وائرسز ۾ جينياتي تبديليءَ وارو عمل به ٿيندو آھي.
(4)           وائرس ۾ جينياتي ميلاپ به ٿيندو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت