ٽريڪيوفائيٽس جون عام خاصيتون ۽ گروھ

ٽريڪيوفائيٽس جون عام خاصيتون

(1)           ٽريڪيوفائيٽس ۾ واسڪيولر تاندورا ھوندا آھن.
(2)           واسڪيولر تاندورا ٻوٽي جي جسم ۾ سختي پيدا ڪندا آھن.
(3)           ٽريڪيوفائيٽس ۾ اُسريل حقيقي پاڙون  ٿڙ ۽ پن ھوندا آھن.
(4)           ھي قد ۾ ننڍي ۾ ننڍي قد کان وٺي وڏي قد تائين جا ھوندا آھن.
(5)           سمورن ٽريڪيوفائيٽس ۾ نسلن جي مٽاسٽا ٿيندي آھي،
(6)           ھنن ۾ اسپوروفائيٽ نسل غالب ۽ مڪمل طور تي آزاد ھوندو آھي.
(7)           زائيگوٽ محفوظ ايمبريو ۾ واڌ ويجھ وٺندو آھي.

ٽريڪيوفائيٽس جا گروھ
ٽرڪيوفائيٽس جا ٻه وڏا گروھ
(1)           ٽيريڊوفائيٽس (Pteridophytes) ۽
(2)           اسپرميٽوفائيٽس (Spermataphytes) آھن.

(1)           ٽيريڊوفائيٽس (Pteridophytes)
ٽيريڊوفائيٽس اھي ٻوٽا آھن جن ۾ ٻج پيدا نه ٿو ٿئي انھن کي وري سائيلو سيڊا، لائيڪو سيڊا، اسفينوسيڊا ۽ ٽيروسيڊا گروھن ۾ ورھايو ويو آھي.

(2)           اسپرميٽوفائيٽس (Spermataphytes)
اسپرميٽوفائيٽس جا ٻه گروھ جيمنواسپرمس ۽ اينجيو اسپرمس آھن جيمنو اسپرمس کي سائيڪيڊ ۽ ڪونيفيري گروھ ۾ جڏھن ته اينجيو اسپرمس کي ڊائيڪاٽ ۽ مونوڪاٽ گروھ ۾ ورھايو ويو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت