The theory of chemical and organic evolution on the origin of life

زندگيءَ جي ابتدا بابت ڪيميائي ۽ نامياتي ارتقا جو نظريو

ھن نظريئي مطابق شروع ۾ ڪائنات ايتري ته گرم ھئي جو ان جي شدت سبب مادي ۽ توانائي ۾ به فرق ڪرڻ مشڪل ھو. اٽڪل 15 ڪروڙ سال اڳ ھڪ وڏو ڌماڪو (Big bang) ٿيو ڪائنات جو پکڙجڻ شروع ٿيو ۽ گرميءَ جو درجو ھڪدم تيزيءَ سان گھٽ ٿيڻ شروع ٿيو.

اٽڪل 406 ڪروڙ سال اڳ آبهوا ۾ ھائڊروجن ڪافي گھڻي مقدار ۾ ھئي ۽ اسان جي زمين ۽ ٻيا سيارا سج جي نظام (Solar System) جو حصو ٿي اُڀريا. جلدئي زمين جي چوڌاري گرم ۽ پاڻياٺي تهن ۾ موجود ٻيون ڪيتريون ئي گئسون داخل ٿي ويون. وقت گذرڻ سان گڏ گرميءَ جو درجو گھٽجندو رھيو. گئسون سُڪڙجنديون ويون ۽ تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيو جنھن ڪري سمنڊ وجود ۾ آيا.

کنوڻ جي چمڪاٽن، گجگوڙ ۽ انڊلٺ جي رنگن آبهوا جي گئس ۾ افراتفري مچائي ڇڏي جنھن سبب سادا نامياتي ماليڪيول ٺھي پيا. اھي ماليڪيول زمين تي لھي آيا زمين ۽ سمنڊن وغيرھ ۾ جمع ٿيا ماحول سان رلي ملي امينو ايسڊ (Amino acid) ۽ پروٽين پيدا ڪيائون جيڪي زندگيءَ جا بنيادي جُزا آھن.

زندگيءَ جو پھريون روپ شايد ھڪ کليل پروٽين (Protein) يا RNA وانگر ھو جيڪا پاڻ جھڙا جاندار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ھئي پوءِ ھڪ مرحلي تي انھن اڻ ڍڪيل کليل جسمن جي چوڌاري جھلي (Membrane)  اچي وئي جنھن جي نتيجي ۾ جيو گھرڙو (Cell) وجود ۾ آيو. انھيءَ پھرين جيو گھرڙي آڪسيجڻ (Oxidation) کانسواءِ ساھ پئي کنيو ڇو ته زمين جي فضا ۾ آڪسيجن آزاد ڪونه ھئي. نئين زندگي به انھيءَ غير جنسي (Asexually) طريقي سان وجود ۾ آئي.

انھي کان پوءِ پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندڙ (Autotrophic) جاندارن جو وجود پيو جيڪي روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) وسيلي فضا ۾ آڪسيجن ملائيندا رھيا. آڪسيجن جي مقدار وڌڻ سان ٻين جاندارن لاءِ رستو کُليو. ان ۾ اڃا به وڌيڪ بهتري تڏھن آئي جڏھن جاندارن جنسي لاڳاپن ذريعي اولاد پيدا ڪرڻ شروع ڪيو.

حياتيءَ جي ابتدا جو قصو مادي ۾ تبديلي جو مظھر آھي. پھرين غير نامياتي ماليڪيول ھڪٻئي سان ڪيميائي عمل ڪرڻ کان پوءِ انھن ماليڪيولن جي ورھاست ڪري ھڪ ڍڳ يا ميڙ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ اھڙيءَ طرح پروٽين يا نيوڪليئڪ نامياتي مالڪيول وجود ۾ آيا.

ھن سڄي قصي مان حاصل مطلب اھو ٿيو ته تمام ڊگھي عرصي جي گذرڻ دوران ھڪ شڪل ٻيءَ شڪل ۾ تبديل ٿيندي رھي شروعاتي جاندار تبديلين جي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ اڄوڪي حالت ۾ آيا آھن.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت