The significance of the flora in Sindhi Language

فلورا جي اھيت
فلورا يعني مقامي ٻوٽا اسان جي لاءِ وڏي اھميت وارا آھن. ٻيلا ۽ ٻيلو کاتو اسان جي معيشيت جي ڪرنگھي جھڙي حيثيت رکن ٿا. ٻيلا پاڻيءَ جي وھڪري کي بهتر بنائين ٿا ڇو ته اھي پاڻيءَ ۾ موجود مٽيءَ کي پنھنجي پاڙن ذريعي روڪين ٿا اھڙيءَ طرح اھي ريگستان ٺھڻ نٿا ڏين ۽ سم کي به روڪين ٿا. زمينن ۾ موجود لوڻن جي نسبت برقرار رکن ٿا. ٻاھرين وفنا جي گرميءَ جي درجي کي پڻ پھتر بنائين ٿا. ھوا ۾ آڪسيجن فراھم ڪن ٿا. جانورن لاءِ کاڌو پناھ گاھ فراھم ڪن ٿا. اسانکي به کاڌو مھيا ڪن ٿا. ڪن ٻيلن مان اسان کي ڪاٺ ملي ٿو ڪجھ سينگار لاءِ  ڪم اچن ٿا ۽ ڪي وري طبي خاصيتن جي ڪري اھم آھن.

مقامي فلورا تي بحث ڪريو؟
پاڪستان جي ڪجھ معاشي ۽ غير معاشي گلن وارن ۽ بنا گلن وارن ٻوٽن جو ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو ھنن ٻيلن ۾ نيزا، صنوبر، ديال، ٻٻر ۽ زيتون وغيرھ جا وڻ ٿين ٿا.
اھڙا علائقا جتي مينھن گھٽ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي اتي جھنگلي وڻن جھڙوڪ ٻٻر وغيرھ جا ٻيلا ٿين ٿا باقي ٽاري، شھتوت، بيدمشڪ، پپر، نم وغيرھ زراعتي زمين ۾ ملن ٿا. جھڙوڪ ڇانگا مانگا
ميداني علائقن ۾ ڪيترائي فصل اپايا وڃن ٿا. جيڪي کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. اھي فصل ڪڻڪ، مڪئي، چانور، ڪمند، مٺو چقندر، مٽر، پٽاٽو، ٽماٽو، بصر، ٿوم، مرچ، گوگڙو، موري، گجر، گوبي ۽ ڪپھ آھن.
پاڪستان ۾ ميوو ڏيندڙ وڻ انب، صوف، زردالو، آڙو، نارنگيون،. ڪيلا، اخروٽ، بادام وغيرھ به جام آھن. ڪيترائي ٻوٽا سينگار لاءِ اپايا ويندا آھن. جھڙوڪ گل دائودي، گلاب، چنبيلي وغيرھ.
اسان جي ملڪ جا جابلو ۽ ميداني علائقا ڪيترن ئي گاھن سان ڍڪيل آھن جيڪي چرندڙ جانورن  لاءِ چارو آھن. دريائن ۾ ڪيترائي آبي ٻوٽا جھڙوڪ ٽائيفا (Typha)، ھائڊريلا ۽ ڪيترن ئي قسمن جون الجي به ملن ٿيون، کاري پاڻيءَ جا ٻوٽا به سامونڊي ڪناري تي موجود آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت