The Impact of Biology Education on Human Welfare

انساني ڀلائي تي علم حياتيات جو اثر

حياتيات جي شعبي ۾ نين ايجادن سان گڏ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ انقلابي تبديليون آيون آھن. حياتيات جو علم صحت جي بهتري، فصلن جي پيداوار وڌائڻ، طب، زراعت، صحت عامھ، زراعت، جانورن جي پالنا وغيرھ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيو آھي جن مان ڪجھ جو ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو.

کاڌي جي پيداوار(Production of food ) :

حياتيات جي تحقيق وسيلي نوان طريقا استعمال ڪرڻ سان سٺيون ۽ گھڻي پيداوار ڏيندڙ نون فصلن جون جنسون متعارف ٿيون آھن ان کان علاوھ ڊيري فارم،پولٽري فارم، وغيرھ کولي کاڌي جي سلسلي ۾ ڪافي ترقي ڪئي وئي آھي. اھڙي طرح حياتيات جي علم اسان جي معاشي حالت ۾ خاطر خواھ بهتري آندي آھي ۽ اسان کي کاڌي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏني آھي.

صحت جي بهتري (Improvement of health) :

صحت جي شعبي ۾ حياتيات جي تحقيق ڪري نيون دوائون، ٽڪا، وئڪسين وغيرھ ايجاد ڪيون ويون آھن بيمارين ڦھلائيندڙ جيوڙن کي ختن ڪرڻ لاءِ دوائون تيار ٿيون آھن. ڪيترين ئي موتمار بيمارين مثلاً ماتا (Smallpox)، تشنج، خناق، تپ دق وغيرھ جي لاءِ حفاظتي ٽڪا ٺاھيا ويا آھن جن جي ڪري انساني صحت کي فائدو پھتو آھي.

ماحول ۾ بهت(Improvement of environment):

ماحول ۾ ڪافي آلودگي ٿي آھي ھاڻي حياتيات جي تحقيق سان آلودگيءَ تي قابو پائڻ جا رستا ڳوليا پيا وڃن ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ ڦھلائيندڙ مادن کي فنا ڪري سگھجي ۽ صحتمند فضا قائم ڪري سگھجي.

جنيٽڪ انجنيئرنگ (Genetic engineering) :

ھي ھڪ نئون سائنسي طريقو آھي جنھن کي ھٿرادو ڊي اين اي ٽيڪنالاجي جو نالو ڏنو ويو آھي. ھن سان ڪنھن جاندار جي جين (Gene) ۾ تبديلي ڪري فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو. ھن طريقي سان ھارمون پيدا ڪيا وڃن ٿا. ڪلوننگ ۽ ٽشو ڪلچر به جينياتي انجنيئرنگ جا مثال آھن. ھن جي ڪري ٻارن ۾ موروثي طور منتقل ٿيندڙ بيمارين کي به قابل علاج ڪري سگھجي ٿو.



Back to Index



Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت