The Brassica plant

سرنھن (Brassica) جو ٻوٽو

سرنھن (Brassica) جو ٻوٽو گھڻ جيوگھرڙو جاندار آھي. ھي ٻوٽو پاڙن، پن، گل ميوي ۽ ٻج تي مشتمل آھي ڪم جي لحاظ کان اھي عضوا ٻن حصن ۾ ورھايا ويا آھن.

(1)         غير پيدائشي حصا (Vegetative parts) 
(2)         پيدائشي حصا (Reproductive parts)

(1) غير پيدائشي حصا (Vegetative parts) 
غير پيدائشي حصن ۾ پاڙ، ٿڙ،  پن شامل آھن. اچو ته انھن جو مختصر طور جائزو وٺون.

1) پاڙ  (Root)
پاڙ ٻوٽي جو زير زمين حصو آھي پاڙ ريڊيڪل (Radicle)مان ڦٽي ٿي. ابتدائي حصو ابتدائي پاڙ (Primary root) سڏجي ٿي. انھيءَ جي واڌ دوران ان ۾ ٻئي درجي جي پاڙ (Secondary root)۽ ٽئي درجي جي پاڙ (Tertiary root)  نڪرن ٿيون. ھر پاڙ جي چوٽي تي ٽوپي  (Root cap)آھي. پاڙ تي سنھا وار (Root hairs) به آھن پاڙ زمين مان پاڻي ۽ معدنيات جذب ڪندي آھي ۽ ٻوٽي کي زمين ۾ مضبوط جھلي ٿي.

2) ٿڙ (Stem)
ٻوٽي جو زمين کان ٻاھر وارو حصو ٿڙ (Stem) آھي جيڪو ٻج جي پليومول (Plumule) مان نڪري ٿو ٿڙ ۾ ٽاريون، پن ۽ گل ٿيندا آھن. ٿڙ جي اھا جاءِ جتان پن نڪري ٿو نوڊ (Node) سڏبي آھي. ٻن نوڊس جي وچ واري جاءِ انٽر نوڊ (Internode) سڏبي آھي. ٿڙ ۽ ٽاريون پاڙ کان پنن تائين پاڻي ۽ معدنيات پھچائن ٿا. ٿڙ ٻوٽي کي ھوا ۾ سھارو ڏي ٿو ۽ سڌو بيھاري ٿو.

3) پن (Leaf)
پون ٿڙ جي نوڊ واري ھنڌ تان ڦٽي نڪرن ٿا. سرنھن جي پن جا ٻه حصا آھن. ھيٺيون ڏانڊيءَ جھڙو صيو پيٽيول (Petiole) ۽ مٿيون سائي رنگ جو پکڙيل حصو ليمينا (lamena)آھي. پن جي وچ ۾ ھڪ نس (Mid rib) آھي جنھن مان ڪيتريون ئي سنھيون نسون نڪري پن ۾ ڄاري وانگر پکڙيل آھن جيڪي حقيقت ۾ زائيلم ۽ فلوئيم تي مشتمل آھن. اھي پن کي ڦھلائي رکن ٿيون. پن ۾ روشنائي ترڪيب (Photosynthesis)جو عمل ٿيندو آھي پن جي ايڪسل (Axil)۾ موجو د مکڙيءَ مان نيون شاخون ڦٽن ٿيون.

(2)  پيدائشي حصا (Reproductive parts)


 گل (Flower)
گل سرنھن جي ٻوٽي جو پيدائشي حصو آھي. گل ننڍو، تمام سھڻو ۽ رنگ ۾ پيلو ٿيندو آھي. گل شاخن تي ھڪ خاص ترتيب  ۾ ھوندا آھن. اھا ترتيب ڦولار يا انفلوريسينس (Inflorescence) سڏبي آھي. گل ٽارين يا شاخن جي چوٽيءَ تي ٿيندا آھن.

سرنھن جي پاڙ جي اندرين بناوت

پاڙ جي ٻاھرئين حصي کي ائپيڊرمس (Epidermis) چئبو آھي. جيڪو پاڙ جي حفاظت ڪندڙ آھي. ائپيڊرمس جي ھيٺان  ڪارٽيڪس (Cartex) آھي ڪارٽيڪس پئر نڪائما جي جيوگھرڙن مان ٺھيل ھوندو آھي اھي جيوگھرڙا کاڌو گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪندا آھن.

ڪارٽيڪس جي اندر وچ ۾ ھڪ مرڪزي سلينڊر ھوندو آھي جنھن کي اسٽيل (Stele) سڏبو آھي انھيءَ اسٽيل جي ٻاھران جيوگھرڙن جو ھڪ تهھ اينڊورمس  (Endodermis)آھي. اينڊوڊرمس جي ھيٺيان وري جيوگھرڙن جو ھڪ تَھَ آھي جيڪو پيري سائيڪل (Pericyele)سڏبو آھي. پاڙ جون شاخون انھيءَ پيري سائيڪل مان نڪرن ٿيون اسٽيل جي وچ وارو حصو زائيلم آھي جيڪو ستارا نما آھي. ان جي ٻانھن جي وچ ۾ فلوئيم آھي. باقي اسٽيل پيري نڪائما جي جيوگھرڙن جو ٺھيل آھي.

سرنھن جي ٿڙ جي اندرين بناوت

سرنھن جي ٿڙ کي ٻاھريون حصو ائپيڊمس آھي ائپيڊرمس جي تَھَ کان ھڪدم ھيٺان ڪارٽيڪس آھي ڪارٽيڪس پرنڪائما (Parenchyma) ۽ ڪولنڪائما (Colenchyma)جي جيوگھرڙن جو ٺھيل آھي جنھن ۾ کاڌو ذخيرو ٿيندو آھي. ڪارٽيڪس کانپوءِ رڳدار نالين جا ڇڳا (Vascular bundles)آھن ھر ھڪ ڇڳو زائيلم ۽ فلوئيم تي مشتمل آھي زائيلم اندرين پاسي ۽ فلوئيم ٻاھرين پاسي آھي. زائليم ۽ فلوئيم جي وچ واري حصي کي ڪيمبيم (Cambeium) چئبو آھي. اھو ميرسٽيميٽڪ (Meristematic) جيوگھرڙن تي مشتمل آھي. ٿڙ جو وچيون حصو پٿ (Pith)   سان ولااريل آھي پٿ پئرنڪائما جيوگھرڙن جو ٺھيل آھي. ۽ کاڌو ذخيرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو آھي.

سرنھن جي پن جي اندرين بناوت

پن ڪيترن ئي منفرد جيوگھرڙن جي تهن جو ٺھيل ٿئي ٿو . پن جي مٿئين تھ کي مٿيون ائپيڊرمس (Upper epidermis)۽ پن جي ھيٺين تَھَ کي ھيٺيون ائپيڊرمس (Lower epidermis)   چئبو آھي. ھيٺين ائپيڊرمس ۾ ڪيترائي سوراخ (Stomata) آھن ھر اسٽوميٽا کي ٻه محافظ جيو گھرڙا (Guard cells)  آھن. مٿين ۽ ھيٺين ائپيڊرمس جي وچ وارا اوڄا ميزوفل (Mesophyll)  سڏبا آھن. مٿين ائپيڊرمس جي ھيٺيان وارا ميزوفل ڊگھا ۽ ھڪٻئي سان ڳنڍيل آھن انھن  کي پيليسيڊ (Palisade) چئبو آھي. پيليسيڊ تهھ جي ھيٺان ڍرا يا کليل جيوگھرڙا آھن. اھو اسپنجي (Spongy) تَھَ سڏبو آھي. روشنائي ترڪيب جو عمل اسپنجي ميزوفل۽ پيليسيڊ ۾ ٿئي ٿو. واسڪيولر بنڊلس (Vascular bundles) ۽ رڳون موجود آھن. اھي رڳون زائيلم ۽ فلوئيم جون ٺھيل آھن.

سرنھن جي گل جا حصا (Parts of flower)

سرنھن جو گل ھڪ ڏانڊيءَ تي لڳل آھي اھا ڏانڊي پيڊيسل (Pedicle) سڏبي آھي. پيڊيسل جو ويڪرو حصو ٿيليمس (Thalamus) سڏبو آھي. ٿيلميس تي گل جا چار گھيرا ترتيب ۾ لڳل آھن جيڪي ھن ريت آھن.

(1)ڪئليڪس (Calyx)

ھي گل جو ٻيو گھيرو آھي ھي چئن آزاد پنکڙين (Petals) تي مشتمل آھي اھي پنکڙيون پيلي (ٰYellow) رنگ جون ٿين ٿيون انھن جي رنگ جي ڪشس سبب پوپٽ ۽ ماکيءَ جون مکيون انھن ڏانھن اچن ٿيون جنھن سبب پالينيشن (Pollenaton)ٿيندي آھي.

(3) لينڊروشيم (Androecium)

ھي گل جو ٽيون گھيرو آھي.ھي ڇھن آزاد اسٽيمن (  Stamens) نر ٻور يا نر عضون تي مشتمل آھي. ھن کي گل جو نر پيدائشي عضوو چئبو آھي. اسٽيمن ٻن گول چڪرن ۾ آھن. ٻھرين گول ۾ ٻه ننڍا اسٽيمن ۽ اندرين گول ۾ چار وڏا اسٽيمن آھن. ھر اسٽيمن کي ٻه حصا آھن ھيٺيون نرم حصو فلامينٽ (Filament) ۽ مٿيون ڦوڪيل حصو اينٿر (Anther) سڏبو آھي. ھر اينٿر ۾ ٻور يا داڻا (Pollen grains) آھن. پڪل اينٿر ۾ سائي رنگ جون ننڍڙيون رس جو ڳوٿريون آھن جن ۾ مٺو رس ٿئي ٿو جيڪو جيتن جي خورڪ لاءِ ڪم اچي ٿو ان رس لاءِ جيت گل تي اچن ٿا. ۽ نر داڻا انھن سان چنبڙي پکڙجن ٿا.

(4) گائنوشيم (Gynoecium)

ھي گول جو چوٿون ۽ سڀ کان اندريون گھيرو آھي. گائنوشيم جي ھر ھڪ حصي کي ڪارپل (Carpel) چئبو آھي. جيڪو گل جو مادي پيدائشي عضوو آھي. گائنوشيم ۾ ٻه ڪارپل ٿين ٿا ھر ڪارپل کي ٽي حصا آھن.

ھيٺيون ڦنڊيل حصو ٻچيداڻي (Ovary) آھي اووري جي مٿان سنھي ڏانڊي اسٽائيل (Style) آھي اسٽائيل جي چوٽيءَ تي ڦنڊيل حصو اسٽگما (Stigma)آھي. اووري ۾ ڪيترائي اوويولس (Ovules) آھن جيڪي پچڻ بعد ٻج (Seed) ۾ تبديل ٿين ٿا. اووري پچڻ بعد ميوو (Fruit) ٿي پوي ٿي. سرنھن جو ميوو ھڪ ڊگھو خشڪ ڪئپسول وانگر آھي جنھن ۾ ٻج ٿين ٿا اھي ٻج ھوا وسيلي آسانيءَ سان پکڙجن ٿا.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت