روشنائي ترڪيب لاءِ ضروري جزا

روشنائي ترڪيب
ٻوٽا جنھن ترڪيب تحت پنھنجو پاڻ کاڌو تيار ڪن ٿا ان کي روسنائي ترڪيب يا فوٽو سينٿيسز (Photosynthesis) چئبو آھي. ھن ترڪيب ۾ ٻوٽا ھوا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ  ۽ پاڻي زمين مان حاصل ڪري کنڊ (گلوڪوز) تيار ڪندا آھن. ھن عمل ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مان ڪاربان ۽ آڪسيجن استعمال ٿيندي آھي. جڏھن ته پاڻيءَ مان صرف ھائڊروجن استعمال ٿيندي آھي  جنھن جي نتيجي ۾ گلوڪوز ٺھندو آھي. ۽ آڪسيجن نيڪال ٿيندي آھي. ھن عمل لاءِ  توانائي ڪلوروفل (Chlorophyll) جي مدد سان سج جي روشنيءَ مان حاصل ٿيندي آھي ۽ ان عمل کي تيز ۽ ممڪن ڪرڻ خاطر  انزائيم (Enzyme) جي به ضرورت پوندي آھي.  جيڪا جيوگھرڙي (Cell) مان حاصل ٿيندي آھي. ھي سڄو عمل پن جي ميزوفل (Mesophyll) گھرڙن جي اندر مڪمل ٿيندو آھي.

روشنائي ترڪيب لاءِ ضروري جزا
ٻوٽن ۾ روشنائي ترڪيب جي عمل لاءِ ڪجھ ٻاھريان عنصر ۽ اندريان عنصر ضروري آھن ٻاھرين عنصرن ۾ سج جي روشني، پاڻي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ گرميءَ جودرجو اھم آھن جڏھن ته اندريون اھم عنصر ڪلوروفل لازمي آھي انھن اندرين ۽ ٻاھرين لازمي جزن جو احوال ھيٺ ڏجي ٿو.

(1)           روشني (Light)
روشنائي ترڪيب جي عمل لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي بنيادي شيون آھن پر اھي ٻئي شيون سج جي روشنائيءَ کان سواءِ ملي نٿيون سگھن ڇا ڪاڻ ته ھن عمل دوران ڪافي مرحلن تي توانائيءَ جي ضرورت پوي ٿي جيڪا روشنيءَ مان ئي حاصل ٿئي ٿي. سج جي روشنيءَ جي ستن رنگن مان صرف ڳاڙھو ۽ نيرو رنگ استعمال ٿين ٿا روشنيءَ جي تيزابيت جو به ڪافي اثر ھن عمل تي ٿئي ٿو ھن عمل کي وچولي درجي جي روشني تيز ڪري ٿي.

(2)           ڪلوروفل (Chlorophyll)
ڪلوروفل پن کي سائو رنگ ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ھي سج جي روشني حاصل ڪري ۽ ٻوٽي جي استعمال لاءِ توانائي مھيا ڪري ٿي . ھن مادي کانسواءِ روشنائي ترڪيب جو عمل ناممڪن آھي اھو ئي سبب آھي جو ھي عمل صرف پن يا ٿڙ ۾ ٿيندو آھي جتي صرف ڪلوروفل موجود ھوندي آھي.

(3)           ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (2CO)
ٻوٽا روشنائي ترڪيب جي عمل وقت ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ھوا مان حاصل ڪندا آھن. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پن ۾ موجود سوراخن اسٽوميٽا (Stomata) جي مدد سان داخل ٿي سگھندي آھي ۽ گلوڪوز جي ٺھڻ ۾ استعمال ٿيندي آھي. ھن گئس کانسواءِ روشنائي ترڪيب جو عمل ناممڪن آھي.

(4)           پاڻي (Water)
ھي جزو به ايترو ئي اھم آھي جيترو ٻيا جزا پاڻي روشنائي ترڪيب جي عمل ۾ ٻن طريقن سان اھم آھي پھريون ھي گلوڪوز ٺاھڻ لاءِ ھائڊروجن مھيا ڪري ٿو ۽ ٻيو وري اسٽوميٽا جو کلڻ ۽ بند ٿيڻ پاڻي جي باقاعدي مقدار کي گھٽ وڌ ڪري ٿو اسٽوميٽا جو کليل ھجڻ انھيءَ لاءِ به ضروري آھي ته جيئن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پنن ۾ داخل ٿي سگھي. پاڙن جي ذريعي جذب  ٿيل پاڻي پاڻ سان گڏ لوڻ ( نائٽريٽ) کڻي پنن ۾ پھچي ٿوجتي ھوروشنائي ترڪيب جي عمل ۾ استعمال ٿي وڃي ٿو.

(5)           گرميءَ جو درجو (Temperature)
گرميءَ جي مناسب حد ۾ ھجڻ به ھن عمل لاءِ ضروري آھي گرميءَ جو درجو 15 سينٽي گريڊ کان 50 سينٽي گريڊ تائين مناسب آھي پر اھو مختلف علائقن ۾ مختلف به ٿي سگھي ٿو ٿڌن علائقن ۾ گھٽ ۽ گرم علائقن ۾ وڌيڪ ٿي سگھي ٿو.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت