اسپينجز ھڪ ھنڌ بيٺي کاڌو ڪيئن حاصل ڪندا آھن؟

اسپينجز ھڪ ھنڌ بيٺي کاڌو ڪيئن حاصل ڪندا آھن؟
ٻاھريون پاڻي اسپنجز جي جسم ۾ سوراخن اوسٽيا (Ostia) ذريعي داخل ٿئي ٿو جيڪي انھيءَ کي نالين ذريعي ھڪ پوري خال ۾ جسم جي اندر داخل ڪن ٿا. اتان انھيءَ پاڻيءَ مان اسپنجز  جا اندريان جيو گھرڙا خوردبينائي کاڌي جي ذرڙن کي ڇاڻي ٻاھر ڪڍن ٿا. باقي صرف پاڻي اسپنجز جي جسم مان ھڪ ٻئي سوراخ آسڪيولم (Osculum)مان ٻاھر نيڪال ٿئي ٿو، اھڙي طرح اسپنجز ھڪ ھنڌ بيٺي کاڌو حاصل ڪندا آھن.

سائڪون (Sycon)
سائڪون جو تعلق فائيلم پوريفيرا سان آھي. سائڪون گھگھيءَ نما شڪل جو ٿئي ٿو ۽ منجھس سُين جھڙا چن جا ٺھيل اسپائي ڪيولس (Spicules) ٿين ٿا. ھي ڪالوني ٺاھي رھندڙ اسپنج آھي جيڪو سامونڊي پاڻيءَ جي سخت جسمن جھڙوڪ پٿرن مولسڪا جي کوپن ۽ ڪورلس  (Corals)وغيرھ سان ھڪ لڳدار مادي سان چنبڙيل ھوندو آھي. ھن جو رنگ ڀُورو يا ڀُورو ناسي ٿئي ٿو ۽ ڊيگھ  ۾ ھڪ کان ٽن انچن تائين ٿئي ٿو. گھگھيءَ نما شڪل جي مٿئين حصي ۾ آزاد ڇيڙي تي ھڪ وڏو سوراخ آسڪيولم ٿئي ٿو.

فائيلم نائڊيريا ـ سيلينريٽا
سيلينٽريٽس به پاڻيءَ جا جانور آھن انھن مان ڪيترائي سامونڊي آھن پر ڪجھ تازي پاڻيءَ ۾ به ملن ٿا. سيلينٽريٽس جا جيوگھرڙا ھڪ ترتيب ۾ ٿي اوڄا يا تاندورا ٺاھين ٿا. انھن کي ٻٽي تَھَ وارا يا ڊپلو بلاسٽڪ (Diploblastic) چئبو آھي ڇو ته انھن جي جيوگھرڙي ۾ ٻه تَھَ ٿيندا آھن ھڪ کي ٻاھريون تَھَ ايڪٽوڊرم(Ectoderm) ۽ ٻئي کي اندريون تَھَ (Endoderm) چئبو آھي. ٻنھي تهن جي وچ ۾ جيليءَ نما مادو ميزو گليا (Mesoglea) آھي ڪيترائي سيلينٽريٽس ھڪ ھنڌ چنبڙيل (sessile) آھن مثلاً ڪورلس (Corals) جڏھن ته ٻيا وري چرندڙ آھن مثلاً جيلي فش (Jelly fish) وغيرھ. ھي آزاد حالت ۾ رھندڙ جاندار آھن يا ته اڪيلا رھن ٿا جيئن ھائڊريلا يا ڪٽنب جي صورت ۾جيئن اوبيليا .



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت