ٻوٽن ۾ خوراڪ جا مخصوص طريقا

ٻوٽن ۾ خوراڪ جا مخصوص طريقا
ٻوٽا پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪرڻ واري خاصيت ھئڻ ڪري زمين تي رھندڙ جاندارن لاءِ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح کاڌو مھيا ڪرڻ جو ذريعو آھن پر ٻوٽن ۾ کاڌي جا ڪجھ مخصوص طريقا به آھن. انھن مخصوص طريقن جي سبب ٻوٽن کي چئن قسمن ۾ ورھايو ويو آھي.

(1)           مفت خور ٻوٽا (Parasites)
ھي ٻوٽا گھڻو ڪري پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندڙ ٻوٽن تي ڀاڙيندا آھن اھي زمين تي ڦٽڻ بدران انھن ٻوٽن جي ٿڙ يا شاخن تي ڦٽندا يا وڌندا آھن. مفت خور ٻوٽن کي خاص پاڙ ھاسٽوريا (Haustoria) آھي جيڪا ميزبان ٻوٽي مان کاڌو چوسي ٿي. اھي پاڙون ميزبان ٻوٽي جي فلوئيم (Phloem) ۽ زائيلم (Xylem) تاندورن سان رابطي ۾ اچي ٿڙ ۾ داخل ٿي پاڻي ۽ لوڻياٺ چوسينديون آھن. ھن جو مثال آڪاش بيل (Cuscuta) آھي.

(2)           مردار خور (Saprophytes)
ھنن ٻوٽن ۾ ڪلوروفل نه ھوندو آھي تنھن ڪري اھي پنھنجو کاڌو مئل نامياتي مرڪبن مان حاصل ڪندا آھن. ھي ٻوٽا اڪثر ڪري گھاٽي جھنگ ۾ ٿيندا آھن. جتي سج جي روشني پھچي نٿي سگھي ۽ زمين نامياتي مرڪبن سان ڀريل ھوندي آھي، جيئن ته ھنن ۾ پاڙ وار يا سنھيون پاڙون نه آھن تنھن ڪري ھي زمين مان کاڌو حاصل نٿا ڪري سگھن ھنن ٻوٽن جون پاڙون فنگس (Fungus) جي ھڪ خاص قسم ھائيفي (Hyphae) سان ڳانڍاپو قائم ڪنديون آھن جنھن جو ھڪ حصو پاڙ ۾ داخل ٿيندو آھي. ۽ اھو پاڙ وارن (Root hairs) جو ڪم ڏينديون آھن ۽ پوءِ ان ٽٽل نامياتي مرڪبن مان کاڌو جذب ڪري وٺندو آھن، ھن جو مثال مونوٽرو پا (Monotropa) آھي.

(3)           جيت خور ٻوٽا  (Insectivores)
ھي ٻوٽا اھڙي زمين ۾ ٿين ٿا جتي نائٽروجن مرڪبن ۽ نائٽريٽس جي گھٽتائي ھوندي آھي اھا گھٽتائي پوري ڪرڻ لاءِ ھي ٻوٽا جيتن کي پنھنجي خوراڪ طور استعمال ڪندا آھن. ھي ٻوٽا جيتن کي پنھنجي مخصوص رنگ ۽ مٺي رس(Nectar) جي مدد سان پاڻ ڏانھن ڇڪي پنھنجي مخصوص پنن جي وسيلي انھن کي قيد ڪري ڇڏين ٿا. نتيجي طور جيت مري پوندا آھن ۽ ٻوٽا انھن کي انزائيمس جي مدد سان ھضم ڪري ڇڏيندا آھن.
ھي ٻوٽا جيت کائڻ کان سواءِ به زندھھ رھي سگھن ٿا. ڇو ته ھنن ۾ ڪلوروفل موجود ھوندو آھي ھي گل ميوا ۽ ٻج به پيدا ڪندا آھن. ھن جو مثال صرحي دار ٻوٽا (Pitcher plant) آھن.

(4)           ھڪ ٻئي تي ڀاڙيندڙ (Symbionts)
ٻن جاندارن جي وچ ۾ اھڙو تعلق جھن جي ڪري ٻنھي جاندارن کي فائدو پھچي ان کي ھڪ ٻئي تي ڀاڙيندڙ (Symbionts) چئبو آھي. مثال طور ھوا ۾ نائٽورجن جو مقدار پورو ڪندڙ بئڪٽيريا ۽ ميويدار ٻوٽن (Leguminous) جي وچ ۾ ڳانڍايو ھوندو آھي. فنجائي ۽ الجي جي وچ ۾ ڳانڍاپو لائيڪن (Lichens) ٺاھي ٿو جيڪو وري پوءِ نئون جاندار ٿئي ٿو. فنجائي جانور کي بچاءُ ۽ پاڻي مھيا ڪري ٿو. جڏھن ته الجي روشنائي ترڪيب وسيلي کاڌو تيار ڪري ٿي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت