ٽيرس (Pteris) - ايڊينٽم (Adiantum)

ٽيرس (Pteris)
ٽيرس پنجاب جي ڪن علائقن ۾ ٻيلن جي صورت ۾ جڏھن ته  سنڌ صوبي ۾ ھڪ آرائشي ٻوٽي طور ملندو آھي. اصل ٻوٽو اسپوروفائيٽ آھي جنھن ۾ عارضي يا اتفاقي پاڙون زميني ٿڙ  رھيزوم (Rhizome) پائينيٽ ڪمپائونڊ پن جن فرنڊس (Fronds) به چئبو آھي موجود ھوندا آھن ۽ اسپورينجيا وري سورائي (Sori) ۾ ٿيندا آھن. سورائي اسپوروفل (اسپورينجيا رکندڙين) جي ھيٺين سطح تي ھوندا آھن.


ايڊينٽم (Adiantum)

ھي جنگ جي ماحول ۾ وڌندڙ ۽ پنن جي شڪل کان سواءِ جيڪو نسبتاً وڏو ۽ متبادل ترتيب ۾ ٽيرس جھڙون ھوندو آھي. ان جو اصل ٻوٽو ھڪ  ننڍو اسپورو فائيٽ آھي جنھن ۾ ٿڙ، پاڙ ۽ پن ھوندا آھن. ھن جو ٿڙ ويڪرو ۽ ننڍو زيرزمين ھوندو آھي. جيڪو رھيزوم سڏبو آھي.پاڙ ڌاڳيدار ۽ اتفاقي يا عارضي آھي جيڪا رھيزوم جي ھيٺين حصي مان ڦٽندي آھي. پن وڏا، پائينيٽلي ڪمپائونڊ ھوندا آھن جن ۾ ھڪ وڏي ڏانڊي ريچيس (Rachis) ۽ ان جي مٿان ننڍيون پتيون متبادل ترتيب ۾ آھن. 

سڀ کان ھيٺيون پتيون لاتعداد  ننڍين پتين پائينيولس (Pinnules )۾ تبديل ٿي وينديون آھن. سورائي زرخيز پتين جي ھيٺين طرف لڳل آھي. ھر سورس ۾ لاتعداد اسپورنجيا ھوندا آھن. جن ۾ بي شمار اسپورس پيدا ٿين ٿا.  جيڪي اسپورينجيم مان ٻاھر نڪري ڦٽي گيميٽوفائيٽ ٺاھيندا آھن. جن کي پروٿيلس (Prothallus) چئبو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت