ٻوٽن جا اوڄا (Plant tissues)

ٻوٽن جا اوڄا (Plant tissues)

ٻوٽن جا اوڄا ٻن بنيادي نمونن جا ٿين ٿا.

(1)           ميرسٽيميٽڪ اوڄا (Meristematic)
ھي اوڄا ورھائجندڙ جيوگھرڙن تي مشتمل آھن. ھنن جي تعداد ۾ واڌ سبب ٻوٽي ۾ واڌ ويجھ ٿيندي آھي. ھي گھڻو ڪري پاڙجي چوٽيءَ ۾ ھوندا آھن ھنن جو قدبت ننڍو ڀت سنھي ۽ مرڪز وچ تي آھي.

(2)           مستقل يا دائمي اوڄا (Permanent tissues)
ھنن ۾ ورھاست نه ٿي ٿئي ھنن جي ڀت ٿلھي آھي. ھنن کي ٻن گروپن ۾ ورھايو ويو آھي
(الف) سادا اوڄا
(ب) پيچيدا اوڄا

(الف) سادا اوڄا (Simple tissues)
ھڪ ئي قسم جي گھرڙن تي مشتمل ھوندا آھن. جن کي بناوت جي بنياد تي ھيٺين ٽن قسمن ۾ ورھايو ويو آھي.

(1)           پيرنڪائما (Parenchyma)
ھي جاندار گھرڙن تي مشتمل آھن ھنن جي وچ ۾ وٿي ٿئي ٿي. ھي ٻوٽن جي سڀني نازڪ حصن ۾ ھوندا آھن. جن جو ڪم کاڌي کي گڏ ڪرڻ آھي.

(2)           ڪولنڪائما (Colenchyma)
ھنن جي گھرڙن ۾ به وٿي ٿئي ٿي جيڪا سيلولوز ۽ پيڪٽن (Pectin)سان ڀريل آھي ھي اوڄا ڊائيڪاٽيليڊن ٻوٽن جي کل جي ھيٺان ڪجھ تهن جي شڪل ۾ ھوندا آھن.

(3)           اسڪيلرنڪائما (Sclerenchyma)
ھي تمام ڊگھا، سنھڙا، ٿلھي ڀت وارا ۽ ڪاٺ جھڙن لگنيفائيڊ (Lignified) جيوگھرڙن جا ٺھيل ٿين ٿا. ھي مئل جيوگھرڙن وارا آھن جيڪي عام طور زائيلم، فلوئيم ۽ ميون جي سخت خول وغيرھ ۾ ملن ٿا. ھي ٻوٽي کي طاقت ۽ سھارو ڏين ٿا.

(ب) پيچيدا اوڄا (Camplex tissues)
پيچيدا اوڄا ٻن قسمن جا آھن جن کي زائيلم ۽ فلوئيم چئبو آھي. اھي ٻئي قسم پسرائيندڙ اوڄا آھن. زائليم پاڻي ۽ لوڻياٺ کي زمين مان پنن تائين پھچائن ٿا. جڏھن ته فلوئيم کاڌي کي پن کان ٻوٽي جي مختلف حصن تائين پھچائن ٿا.

ڪم جي لحاظ کان دائمي اوڄن جا قسم
ڪم جي لحاظ کان دائمي اوڄن کي ھيٺين حصن ۾ ورھايو ويو آھي.

(1)           ائپيڊرمل اوڄا (Epidermal tissues)
ھنن جا جيوگھرڙا مستطيل شڪل جا ٿين ٿا. ھي اوڄا پاڙ، ٿڙ ۽ پن جا  ٻاھريان تَھَ ٺاھين ٿا. ھنن جا جيوگھرڙا مضبوطي سان پاڻ ۾ مليل آھن منھنجن ڪابه وٿي نه آھي. پنن ۾ اسٽوميٽا (Stomata) موجود آھن جن وسيلي گئسن جي اچ وڃ ٿيندي آھي. ھي اوڄا ٻوٽي جي اندرين حصي جي حفاظت ڪندا آھن.

(2)           زميني اوڄا (Ground tissues)
ھي اوڄا سنھي ڀت وارن جيوگھرڙن جا ٺھيل آھن. جيڪي بنيادي طور کاڌو گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪندا آھن.  ھي اوڄا ائپيڊرمل رڳدار اوڄن (Vascular tissues) کان سواءِ سڄي ٻوٽي ۾ موجود ھوندا آھن.

(3)           مددگار اوڄا (Supporting tissues)
جڏھن جيوگھرڙا پنھنجي انتهائي قد بُت کي پھچي وڃن ٿا ته انھن جي ڀت ٿُلھي ٿي ويندي آھي جنھن ڪري جيو گھرڙا مري وڃن ٿا اھڙا جيو گھرڙا مددگار اوڄا ٺاھين ٿا جيڪي ٻوٽي ۾ سختي پيدا ڪن ٿا ۽ سھار ڏين ٿا. اسڪيلر نڪا ئما ۽ ڪولنڪائما ھن جا مثال آھن.

(4)           پسرائيندڙ يا رڳدار اوڄا (Conducting or Vascular tissues)
ھي اوڄا ڊگھن جيوگھرڙن وارا آھن جيڪي زائيلم (Xylem)۽ فلوئيم (Phloem) سڏبا آھن زائيلم پاڻي ۽ لوڻياٺ زمين کان پن تائين ۽ فلوئيم کاڌو پن کان سڀني حصن تائين پھچائن ٿا. ھي ٻوٽي جي ٿڙ ۾ گڏجي رڳدار گروھھ ٺاھين ٿا. جڏھن ته پاڙن ۾ ھڪ ٻئي کان جدا ھوندا آھن.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت