صنوبر يا پائنس (Pinus)

صنوبر يا پائنس (Pinus)

صنوبر جو ٻوٽو تمام ڊگھو ۽ ويڪرو ٿئي ٿو ھن جي ڊيگھ 40 کان 50 ميٽر ۽ ويڪر 2 ميٽرن تائين ھوندي آھي. ھن ۾ حقيقي پاڙ، ٿڙ، پن ۽ پيدائشي حصا ڪونس (Cones) آھن.

پاڙون (Roots)
ھن ۾ حقيقي پاڙون (Taproots) آھن. ڀر واريون پاڙون (Lateral roots) شروعاتي پاڙون (Primay roots) جي ڀيٽ ۾ ڊگھيون ٿين ٿيون.

ٿڙ (Stem)
بنيادي ٿڙ مان ٻن قسمن جون شاخون ڊگھيون شاخون (Long shoots)  ۽ ننڍيون شاخون (Dwarf shoots) نڪرن ٿيون.

پن (Leaf)
ھن ۾ ٻن قسمن جا پن آھن. ھڪ ساوا پن (Foliage leaves) ۽ ٻيا ڇلرن جھڙا پن (Scale leaves) ساون پنن کي سيون (Needles )چئبو آھي، ڇو جو انھن جي بناوت سئين جھڙي آھي ھي ساوا پن جيڪي ننڍين شاخن جي چوٽين تي ھوندا آھن ۽ روشنائي ترڪيب جو عمل  ڪندا آھن.  ڇلرن جھڙا پن بنا ڏانڊيءَ جي سنھا، ناسي رنگ جا ۽ ٿڙ جي ٻنھي شاخن تي   ھوندا آھن.

ڪونس (Cones)
ڪونس ھڪ جنسي (Unisexual) آھن تنھن ڪري نر ۽ مادي سڏبيون آھن.

نرڪونس (Male Cones) ڇُڳن جي صورت ۾ ڊگھين شاخن جي مٿئين حصي تي پيدا ٿين ٿا نر ڪونس جي وچ ۾ ٿيلمس (Thalamus) يا ٽورس (Torus) آھي جنھن تي 60 کان 100 ننڍا ننڍا مائڪرو اسپوروفل (Microsporophyll) لڳل ھوندا آھن. ھر مائڪرو اسپوروفل تي ڳوٿريءَ نما مائڪرو اسپورينجيم آھي جنھن ۾ نرداڻا آھن جيڪي مائڪرو اسپورس سڏبا آھن.

مادي ڪونس (female cones) ڊگھين شاخن واري جاءِ تي ڌار ڌار پيدا ٿينديون آھن. ھر ھڪ ۾ ڊگھو وچيون حصو ٿيليمس آھي. جنھن تي لاتعداد جوڙيدار ڇلر ميگا اسپوروفل آھن جن ۾ ميگا اسپورينجيا آھن. ھر ميگا اسپورينجيم يا اوويول ۾ چار ميگا اسپورس آھن. جن مان صرف ھڪ زندھ بچي مادي گيميٽو فائيٽ ٺاھي ٿو.

نر گيميٽ مائڪرو اسپور مان ۽ مادي گيميٽ ميگا اسپور ينجيم مان ٺھي ٿو انھن جي ملاپ سان ڳڀجڻ جوعمل ٿيندو آھي ۽ ٻج ٺھندو آھي. ٻج ۾ ٻج جو ڇلڪو (Seed Coat) ، اينڊو اسپرم (Endosperm) ۽ ايمبريو آھي پائنس جي ٻج ۾ ائپي جئيل(Epigeal)  قسم جو ڦوٽھڙو ٿيندو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت