فائيلم پرٽوزوئا پئراميشيم پوريفيرا

فائيلم پرٽوزوئا
ھي جاندار ھڪ جيوگھرڙي وارا يعني (Unicellular) آھن ۽ ايترو ننڍا آھن جو خوردبين سان ئي ڏسي سگھبا آھن. ھي آزاد حالت ۾ رھن ٿا. (جھڙوڪ، ايموبيا پئراميشيئم ۽ يوگلينا) يا وري مفت خور (Parasites) ھوندا آھن. ھي ٻين جانورن مان خوراڪ حاصل ڪن ٿا. اھي پلازموڊيم (Plasmodium) ۽ اينٽ ايموبا ھسٽولائيٽيڪا (Entamoeba histolytica) ھوندا آھن جيڪي اھم انساني بيمارين جو سبب آھن. ترتيبيوار مليريا ۽ پيچش ڪن ٿا. آزاد رھڻ وارا پروٽوزوئا گھڻي ڀاٽي پاڻيءَ ۾ ملندا آھن . ھي تازي يا مٺي پاڻي ۽ سامونڊي پاڻي ۾ به ملندا آھن.

پئراميشيم
پئراميشيم مٺي پاڻيءَ جي کڏن ۾ رھندو آھي. سندس مٿاڇرو ھزارين تمام سنھڙن وارن جھڙي بناوتن سيليا (Cilia) سان ڍڪيل ھوندو آھي جن سان حرڪت ڪرڻ ۾ مدد ملندي آھي. پئراميشيم کي ٻه نيوڪلائي (Nuclei) ھوندا آھن ھڪ وڏو مرڪز جيڪو ميڪرو نيوڪليئس (Macro nucleus) سڏبو آھي ۽ ٻيو ننڍو مرڪز جيڪو مائڪرو نيوڪليئس (Micro Nucleus) سڏبو آھي. جيوگھرڙي جي پڙدي  جي ٻاھرين پاسي ھڪ بيجان ۽ لچڪدار ڍڪ يا غلاف ٿيندو آھي جنھن کي پيليسل (Pellicle) چئبو آھي اھو کيس مخصوص شڪل ڏئي بيھاري ٿو.

فائيلم پوريفيرا  (Porifera)
پوريفيرا (Porifera) گھڻ گھرڙا (Multicellular) جانورن جوسادي ۾ سادو گروھ آھن. ھنن جو جسم ڍرن ۽ سُست جيوگھرڙن جي  ڳٺ جوڙ تي مشتمل آھي ۽ سندن جيوگھرڙن ۾ڪنھن به قسم جا اوڄا يا تاندورا (Tissues) ڪونه  ٺھن ھنن جي جسم تي ڪيترائي ننڍڙا سوراخ اوسٽيا (Ostia) ٿين ٿا. پوريفيرا کي عام طور اسپنجز (Sponges) چئبو آھي. سڀئي اسپنج پاڻيءَ ۾ رھڻ وارا (Aquatic) آھن ۽ اھي پنھنجي زندگي ھڪ ئي ھنڌ مضبوط چنبڙڻ (Sessile) سان گذارين ٿا. 

اسپنجز کي اندرين سخت ڍانچي واري جسم جي بناوت ٿئي ٿي جيڪا چن يا واريءَ جي ٺھيل سخت بناوت يا سپائي ڪيولس جي ھوندي آھي. اسپائي ڪيولس گھڻ گھرڙي واري اسپنج کي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندا آھن. اسپنج جو مثال سائڪون، وينس، فلاور باٿ اسپنج وغيرھ آھن.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت