Opercula, Hibernation, Fangs, Flora and Fauna in Sindhi Language

آپرڪيولا، ھائبرنيشن، فئنگس، فلورا ۽ فانا جي وضاحت ڪريو.
آپرڪيولا :
روھو يا ڪرڙو مڇيءَ جون ڪليون ھڪ ھڏائين پليٽ سان ڍڪيل آھن انھن پليٽن کي آپرڪيولا چئبو آھي. واحد پليٽ کي آپرڪيولم چئبو آھي.
ھائبرينشن:  
سياري جي مند ۾ ڏيڏر ڍنڍن ۽ تلائن جي تري ۾موجود گپ ۾ پنھنجو پاڻ کي لڪائي ڇڏي ٿو اھو عمل ھائبرينشن يا سياري جي ننڊ سڏبو آھي.
فئنگس:
نانگ ۾ موجود ھڪ خاص ڊگھو ڏند فئنگس سڏبو آھي. انھيءَ ڏند جي ذريعي نانگ پنھنجي شڪار ۾ زھر داخل ڪندو آھي.
فلورا: 
فلورا مان مطلب پاڪستان جامقامي ٻوٽا ڪڍيو وڃي ٿو.
فانا :
پاڪستان ۾ موجود مقامي جانور کي فانا چئجي ٿو.


اھڙن جانورن جا نالا لکو جن جونسل پاڪستان مان ختم ٿيڻ جو خطرو آھي؟
پاڪستان مان جن جانورن جي نسل کي ختم ٿيڻ جوخطرو آھي ان ۾ مختلف قسم جا ھرڻ، سرھھ (جھنگلي ٻڪر)، گڊ (جھنگلي رڍ) ۽ ڀولڙو شامل آھن جڏھن ته شينھن ۽ چيتو پاڪستن مان تقريباً ختم ٿي چڪا آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت