Muslim Biologist Scientist


مسلم سائنسدان  (Muslim Biologist)

مسلمان سائنسدانن آڳاٽي دور ۾ حياتيات جي ترقي لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، مسلمان سائنسدانن جي عروج واري دور کي حياتيات ۽ طب جي واڌاري جو دور چئي سگھجي ٿو. سائنس جي دنيا ۾ تجربن جو پھريون دفعو استعمال ھن ئي دور ۾ ڪيو ويو.
آڳاٽي دور ۾ جن مسلم حياتياتي ماھرن ڪارناما سرانجام ڏنا انھن جو ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو.

جابر بن حيان (722ع  کان 817 ع):

ھن جانورن ۽ ٻوٽن متعلق ”الحيوان“ ۽ ”النباتات“ جي عنوان سان مشھور ڪتاب لکيا.

عبدالمالڪ اصمعي:

ھن جي پيدائش 741ع ۾ ٿي. ھن ”الخيل“، ”الابل“، ”الوحوش“، ”الشاھ“ ۽ ”خلق الانسان“ جي عنوان سان مشھور ڪتاب لکيا. جيڪي گھوڙن، اُٺن، رڍن، جھنگلي جانورن ۽ انساني جسم جي جوڙ جڪ سان تعلق رکن ٿا.

علي بن ريان طبري (775ع کان 870ع):

ھن ”فردوس الحڪمته“ جي نالي سان طب بابت مشھور ڪتاب لکيو جنھن ۾ مختلف نقشن ۽ چارٽن سان گڏوگڏ فلسفو، علم حيوانات، نفسيات ۽ علم فلڪيات متعلق تفصيلي مضمون به شامل آھن.

ابو عثمان عمر الجاحظ:

ھن ”الحيوان“ نالي سان مشھور ڪتاب لکيو جنھن ۾ تقريباً 350 جانورن جي قسمن جو ذڪر  ڪرڻ سان گڏ ماڪوڙين بابت تفصيلي بحث به آھن.

 الفارابي (870ع  کان 950ع):

ھي مشھور جراح (سرجن) ھو. ھن جا مشھور ڪتاب ”ڪتاب النباتات“ ۽ ”ڪتاب الحيوانات“ جانورن ۽ ٻوٽن بابت آھن.

 ابو القاسم الزھراوي (936ع کان 1004ع):

ھي به مشھور جراح (سرجن) ھو. ھن کي پيشاب جي ڳوٿري (مثاني) مان پٿري ڪڍڻ تي مھارت حاصل ھئي.

 ابن الھيشم (965ع کان 1039ع):

ھن جا مشھور ڪتاب ”ڪتاب المناظر“ ۽ ”ميزان الحڪمته“ آھن ھن اکين جي پڙدي جي ڏسڻ واري اھميت تي روشني وڌي ۽ يونانين جي ان سلسلي  ۾ پراڻي راءِ کي درست قرار ڏنو.

 بو علي سينا (980ع):

ھن جا مشھور ڪتاب ”القانون“ ۽ ”في الطب الشفا“ آھن ھي اولھ توڙي اوڀر ۾ طب جو ماھر ھئڻ سبب طب جو باني تصور ڪيو ويندو آھي.

 ضياءُ الدين ابن بيطار :

ھي تيرھين صدي عيسوي ۾ ٻوٽن جي علم جو ماھر ھو. ھن ٻوٽن جي ڄاڻ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ٻوٽن جي اسپيشيز جو مشاھدو پڻ ڪيو.

 ابن النفيس:

ھن تيرھين صدي عيسوي ۾ انسان ۾ رت جي دوري جي نظام متعلق تفصيلي ڄاڻ ڏني.

ڪمال الدين الدمري:

ھن چوڏھين صدي عيسوي ۾ ڪتاب ”حيات الجيوان“ مرتب ڪيو جنھن ۾ اٽڪل ھڪ ھزار مختلف قسمن جي جانورن جو خصوصيتون بيان ڪيل آھن.

 علي بن عيسيٰ:

ھي اکين جي بيمارين جو پنھنجي وقت جو وڏو ماھر ھو ھن ٽن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو جنھن ۾ اکين جي 130 بيمارين جو ذڪر ڪيو آھي. ھن اک جي بناوت، ڪم ۽ بيمارين تي ڪم ڪيو.

ابو القاسم مجريتي:

ھن جانورن جي مختلف قسمن تي لکيو. يورپ ۾ ڏاڍو مشھور ٿيو جنھن سبب کيس سُٺي شھرت حاصل ٿي.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت