واسڪيولر ٻوٽن (ٽريڪيوفائيٽس) جي اھميت

واسڪيولر ٻوٽن (ٽريڪيوفائيٽس) جي اھميت

واسڪيولر ٻوٽن جي اھميت ھيٺ  ڏنل آھي.
(1)           ھنن مان گھڻا ئي اناج جو مکيھ ذريعو آھن (جھڙوڪ ڪڻڪ، چانور مڪئي داليون وغيرھ)
(2)           تمام گھڻيون ڀاڄيون انھن ٻوٽن مان حاصل ٿين ٿيون (جھڙوڪ پٽاٽا، گوبي، موري، گجر وغيرھ )
(3)           غذا جا ڪيترائي جزا انھن مان ملن ٿا (جھڙوڪ کنڊ کوپرو وغيرھ)
(4)           انھن مان ڪيترائي مال جي چاري لاءِ ڪم اچن ٿا. (جھڙوڪ جوئر برسيم، مڪائي، گاھ وغيرھ)
(5)           انھن مان ذائقيدار ميوا به ملن ٿا. (جھڙوڪ ،صوف، انب، ڪيلو، موسمي، آڙو وغيرھ)
(6)           انھن مان عمارتي ڪاٺ به ملي ٿو (جھڙوڪ صنوبر، ديودار، چيڙھ ٽاري وغيرھ)
(7)           انھن جا ڪي جزا دوا طور ڪم اچن ٿا ( جھڙوڪ املتاس، سنڪونيا، جاڻ وغيرھ )
(8)           ڪن ٻوٽن مان ڪپڙو ۽ رسي ٺھي ٿي. (جھڙوڪ ڪپھ، سڻي وغيرھ)
(9)           ڪي ٻوٽا خوبصورتي لاءِ استعمال ٿين ٿا. (جھڙوڪ گلاب، چنبيلي، رات جي راڻي وغيرھ)

ھڪ ٻج پن (Monocot)۽ ٻه ٻج پن (Dicot) ۾ ظاھري فرق
مونوڪاٽ (Monocot)
ڊائيڪاٽ (Dicot)
(1)           ھن جي ٻج ۾ ھڪ ٻج پن ٿئي ٿو.
(1)           ھنن جي ٻج ۾ ٻه ٻج پن ٿين ٿا.
(2)           ھنن ۾ گھڻو ڪري شاخدار اصلي پاڙون آھن،
(2)           ھنن ۾ گھڻو ڪري اتفاقي پاڙون آھن.
(3)           ٿڙ عام طور شاخدار  ٿئي ٿو.
(3)           ٿڙ عام طور غير شاخدار ٿئي ٿو.
(4)           پن نسبتاً ننڍا ۽ ڄاريدار نالين جي سرشتي ۾ ترتيب وار ھوندا آھن.
(4)           پن نسبتاً ننڍا ۽ متوازي نالين جي سرشتي ۾ ترتيب وار ھوندا آھن.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت