Islamic View about the Origin of Life

زندگيءَ جي شروعات بابت اسلامي نظريو

زندگيءَ جي شروعات بابت قرآن شريف اسان جي رھنمائي ڪري ٿو. سڀ کان اھم حقيقت ھي آھي ته ھڪ الله پاڪ ئي ھر شيءِ جو خالق آھي، جنھن ساھ واريون توڙي بي جان شيون خلقيون آھن. قرآن شريف ۾ ان حقيقت بابت ڪيتريون ئي آيتون آھن. جيئن:

(i)  سُورَةُ الأَنْعَامِ آيت 102 ۾ آھي ته:

ذَلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ لا إِلَهَ إِلاَّ هُوَ خَالِقُ كُلِّ شَىْءٍ فَاعْبُدُوهُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَىْءٍ وَكِيلٌ ﴿١٠٢﴾

ترجمو: ”آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آھي“

(ii)  سُورَةُ الأَنْعَامِ آيت 103 ۾ آھي ته:

لاَّ تُدْرِكُهُ الأَبْصَارُ وَهُوَ يُدْرِكُ الأَبْصَارَ وَهُوَ اللَّطِيفُ الْخَبِيرُ ﴿١٠٣﴾

ترجمو: ”اھو اوھان جو پالڻھار آھي، ان کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آھي، سڀ ڪنھن شيءِ کي پيدا ڪندڙ آھي تنھن ڪري سندس عبادت ڪريو،  ۽ اھو سڀ ڪنھن شيءِ کي سنڀاليندڙ آھي.

(iii)  سُورَةُ الْمُؤْمِنُونَ آيت 12 ۾ آھي ته:

وَلَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن سُلَالَةٍ مِّن طِينٍ ﴿١٢﴾
ترجمو: ”۽ بيشڪ انسان کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسين.

(iv)  سُورَةُ السَّجدَة آيت 7 کان 9 ۾ آھي ته:

الَّذِى أَحْسَنَ كُلَّ شَىْءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلْقَ الْإِنسَانِ مِن طِينٍ ﴿٧﴾
ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُ مِن سُلَالَةٍ مِّن مَّاء مَّهِينٍ ﴿٨﴾
ثُمَّ سَوَّاهُ وَنَفَخَ فِيهِ مِن رُّوحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ ﴿٩﴾

ترجمو: ”جنھن جيڪا شيءِ پيدا ڪئي سا سڀ ڪا چٽيءَ طرح بڻايائين ۽ ماڻھو جي پيدائش کي مٽي مان نئون شروع ڪيائين، وري سندس اولاد بيقدر پاڻي جي نچوڙي مان بڻايائين، وري کيس سنئين لٽين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو.

(v)  سُورَةُ الْمُؤْمِنُونَ آيت 14 ۾ آھي ته:

ثُمَّ خَلَقْنَا النُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقْنَا الْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَلَقْنَا الْمُضْغَةَ عِظَامًا فَكَسَوْنَا الْعِظَامَ لَحْمًا ثُمَّ أَنشَأْنَاهُ خَلْقًا آخَرَ فَتَبَارَكَ اللَّهُ أَحْسَنُ الْخَالِقِينَ ﴿١٤﴾

ترجمو: ”وري نطفي کي رت جو دڳ بڻايوسين، وري (ان) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسين، پوءِ ٻوٽين جون ھڏيون ۽ پوءِ انھن ھڏين تي گوشت پھرايوسون.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت