ثابت ڪريو ته روشنائي ترڪيب جي لاءِ روشني ھجڻ ضروري آھي؟

ڇا روشنائي ترڪيب لاءِ ڪلوروفل جوھجڻ ضروري آھي؟
ھن تجربي ۾ اھڙن پنن جو استعمال ڪرڻ گھرجي جن ۾ ڪلورو فل ٿوري حصي  ۾موجود ھجي اھڙن ٻن رنگن وارن پنن کي (Variegated leaf) چئبو آھي.
پنن مان نشاستو ختم ڪرڻ لاءِ ڪونڊي ۾ لڳل ٻوٽي کي ٻن يا ٽن ڏينھن لاءِ اوندھ واري ڪمري ۾ رکو پوءِ ان کي ڪجھ ڪلاڪن لاءِ اس (روشنيءَ) ۾ ڇڏي ڏيو ھاڻي ساڳئي پن کي ٻوٽي کان ڌار ڪري ان کي ڪاغذ جي مٿان پکيڙيو  جيئن ڪلوروفل جي موجودگي يا غير موجودگي جي چڪاس ڪري سگھجي. پن جي مٿان آيوڊين جو استعمال ڪري چڪاس ڪري سگھجي ٿي پن جا اھي حصا جيڪي سائي رنگ جا ھئا آيوڊين لڳڻ سان نيرا ٿيندا ۽ جيڪي حصا ٻيلا ھئا اھي آيوڊين لڳڻ تي ڀورا ناسي (Brown) رنگ جا ڏسڻ ۾ ايندا. آيوڊين جي لڳڻ سان نشاستي وارا حصا نيرا ٿين ٿا ان مان ظاھر ٿيو ته نشاستو صرف اتي  ئي ٺھيو جتي ڪلورو فل (سائو مادو ) موجود ھو تنھن ڪري اسين اھو چئي سگھون ٿا. ته روشنائي ترڪيب لاءِ  ڪلوروفل جو ھجڻ لازمي آھي

ثابت  ڪريو ته روشنائي ترڪيب جي لاءِ روشني ھجڻ ضروري آھي؟
ڪونڊيءَ ۾ لڳل ھڪ ٻوٽو ٻه ٽي ڏينھن اونداھين ڪمري ۾ رکو ته جيئن ان مان نشاستو ختم ٿي وڃي ھاڻي اھو ٻوٽو کڻي ان جا ٻه پن چونڊيو جن مان ھڪ کي ٻاھران ڪاري ڪاغذ سان مڪمل ويڙھيو ۽ ٻئي کي به ڪاري ڪاغذ سان ويڙھيون پر ان ڪاغذ ۾ انگريزي L ايل اکر جھڙو حصو ڪٽيل ھجي ھاڻي ٻوٽو چئن کان ڇھن ڪلاڪن تائين روشنيءَ (اُس) ۾ رکو پوءِ ٻئي پن ٻوٽي کان ڌار ڪري نشاستي جي چڪاس ڪريو ٻنھي پنن کي آيوڊين ھڻڻ سان نشاستو چڪاس ڪري سگھبو ڏسبو ته جيڪو پن مڪمل ويڙھيل ھو اھو ڀورو ناسي ٿيندو جڏھن ته ٻئي پن ۾ اکر L ڇڏي باقي حصو ڀورو ناسي ٿيندو ۽ L اکر گھرو نيرو ٿيندو. L  ۾ نشاستو موجود آھي تنھن ڪر ي اھو نيرو ٿيو باقي حصن ۾ نشاستو ڪونه آھي تڏھن ڀورا ناسي ٿيا انھيءَ مان ثابت ٿيو ته روشنائي ترڪيب جي لاءِ روشنيءَ جوھجڻ لازمي آھي.

ڇا روشنائيءَ ترڪيبڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ لازمي آھي؟
ٻن ڪونڊين ۾ لڳل ٻه ٻوٽا کڻو ٻنھي کي اونداھيءَ ۾ رکي نشاستي کان خالي ڪريو ۽ مناسب پاڻي ڏيو. ھاڻي ٻنھي ڪونڊين وارن ٻوٽن کي پلاسٽڪ  جي شفاف ٿيلھين سان ڍڪيو ھڪ ٻوٽي جي ڪونڊيءَ ۾ ٽيري ڊش ۾ پوٽيشيم ھائڊرو آڪسائيڊ (KOH)  ۽ ٻئي ٻوٽي جي ڪونڊيءَ ۾ ٽيري ڊش ۾ سوڊيم باءِ ڪاربونيٽ جو ڳار رکو. 
ٻئي ٻوٽا ڪافي وقت روشني تي رکو پوءِ ٻنھي ٻوٽن مان ھڪ  ھڪ پن ڪڍي نشاستي جي چڪاس ڪريو پھريون ٻوٽو جنھن جي ڪونڊيءَ ۾ پوٽيشيم ھائڊرو آڪسائيڊ رکيل ھو ان ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿي وئي ھئي تنھن ڪري ان ٻوٽي وارو پن آيوڊين لڳڻ تي ڀورو ناسي ٿيو جڏھن ته ٻئي ٻوٽي ۾ سوڊيم باءِ ڪاربونيٽ جي ڳار جي موجودگيءَ سبب ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺھندي رھي تنھن ڪري انھيءَ ٻوٽي جو پن آيوڊين لڳڻ تي نيرو ٿي ويو جنھن مان نشاستي جي موجودگي ظاھر ٿي ھن تجربي مان اھو ثابت ٿيو ته روشنائي ترڪيب جي عمل لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ لازمي آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت