حرف ندا سنڌي گرامر
حرف ندا
|
دل جون جدا جدا حالتون جھڙوڪ خوشي، ڏک،
عجب، خواھش، ڌڪار وغيرھ ظاھر ڪرڻ لاءِ يا سڏ ڪرڻ لاءِ ڪي لفظ زبان سان ڳالھائجن
ٿا، انھن کي حرف ندا چئبو آھي.
مثال:
1) اڙي! ھي ڇا ڪري وڌئي.
2) مار! ھيڏو وڏو نانگ.
3) ھاء ھاء
! رحيمان گذاري وئي.
مٿيان ليڪ
ڏنل لفظ حرف ندا آھن.
حرف ندا جا ڪي ٻيا لفظ:
الله ڙي!،
گھوڙاڙي!، شل!، واھ واھ! او وغيرھ.
Comments
Post a Comment