ھاضمي جي سرشتي ۾ جيري جو ڪردار

ھاضمي جي سرشتي ۾ جيري جو ڪردار
جيرو (Liver) جسم جو سڀ کان وڏو عضوو ۽ غدود آھي. اھو ڳاڙھاڻ مائل ناسي رنگ جو ھوندو آھي اھو پيٽ ۾ ڊايافرم (Diaphragm)  جي ھيٺان ۽ ننڍي آنڊي جي مٿان ٿيندو آھي. ھن جي ٻئي پاسي پيلي سائي رنگ جو پتو  (Gallbladder) ھوندو آھي. جيڪو ضرورت جي وقت ھاضمي جي عمل م مدد ڏيڻ لاءِ سائي رنگ جي رطوبت جمع ڪندو آھي. ان رطوبت ۾ ڪوبه انزائيم نه ھوندو آھي ۽ ھن ۾ نمڪيات جون به رطوبتون ٿينديون آھن. جيڪي سڻڀ جي  جزن کي ننڍن ٽڪرن ۾ ٽوڙي ان قابل بڻائينديون آھن ته جيئن وات ۾ جذب نه ٿيندڙ سڻڀ جي ماليڪيولن تي ننڍي آنڊي ۽ لبلبي جا انزائيمس اثر ڪري سگھن ۽ سادن جزن ۾ ٽوڙي ڇڏين ھن عمل کي روغني ترڪيب (Emulsification) چئبو آھي.

سادي کنڊ مان پيچيندي کنڊ جا ماليڪيول ڪيئن ٿا ٺھن؟
نشاستو گلائڪوجن ۽ سادي کنڊ (گلوڪوز، فرڪٽوز وغيرھ) مجموعي ڪاربو ھائيڊريٽ (Carbohydrates) واري نامياتي مرڪبن جي ھڪ گروپ سان تعلق رکندڙ آھن ڪاربو ھائڊريٽ ۾ ڪاربان، ھائڊروجن ۽ آڪسيجن جا حصا ٿيندا آھن ھن جي عام رواجي سادي کنڊ گلوڪوز (C6 H12 O6)  آھي جيڪا گھرڙن کي ھڪدم توانائي پھچائيندڙ آھي.

جڏھن سادي کنڊ جاماليڪيول پاڻ ۾ ملن ٿا ته اھي پيچيدي ڪاربو ھائڊريٽ ٺاھين ٿا جھڙوڪ گلوڪوز ۽ فرڪٽوز جي ماليڪيولن کي ملائڻ سان ھڪ نئون وڏو ماليڪيول ٺھي پوي ٿو جنھن کي ڊائي سيڪرائيڊ کنڊ سڪروز (Sucrose)چئبو آھي. جيڪا ڪمند ۽ گوگڙن ۾ موجود ھوندي آھي پر جيڪڏھن گھڻا ماليڪيول ملائبا ته وڌيڪ ڳتيل ۽ ھڪ ڊگھي زنجير ٺھي پوندي اھڙي وڏي پيچيدي ماليڪيول کي پولي سيڪرائيڊ (Polysacharide) ڪاربو ھائڊريٽ چئبو آھي  جيڪو وري سيلولوز، گلائڪوجن ۽ نشاستو ٺاھين ٿا.

اضافي ڪاربو ھائڊريٽس ٻوٽن ۾ نشاستي جي صورت ۾ ۽ جانورن ۾ گلوڪوز جي صورت ۾ جمع ٿين ٿا، ۽ ضرورت جي وقت ننڍن جزن ۾ ٽوڙي استعمال ڪجن ٿا.

امائنوائسڊ مان پروٽين ڪيئن ٺھندي آھي؟
امائنو ائسڊ مونومرس يا ننڍڙا جزا آھن جيڪي پاڻ ۾ سُڪڙ جي ھڪ وڏو ماليڪيول ٺاھيندا آھن. جنھن کي پروٽين  چئبو آھي. ۽ اھا جسم جي بناوت ۽ ڪم ڪار لاءِ ڪار آمد ھوندي آھي يا ائين کڻي چئجي ته پروٽين جي تعمير لاءِ بنياد وجھندڙ امائنو ائسڊ آھن. امائنوائسڊ جا 20 قسم آھن جيڪي مختلف قسمن جي پروٽين ٺاھيندا آھن جيڪي 300 کان 3000 تائين ھوندا آھن.

پروٽين جو اھم ڪم جسم جي گھرڙن جي بناوت سان گڏ جسم جي واڌ ويجھھ ۽ ٽٽندڙ گھرڙن جي مرمت ۾ مدد ڏيڻ آھي. پروٽين مشڪون (Muscles)، ننھن (Nails)، ۽ وارن (Hairs) ٺاھڻ ۾ پڻ ڪم ايندي آھي.

چرٻي جي تيزاب ۽ گلائيسرول مان چرٻي ڪيئن ٺھي ٿي؟
چرٻي جو تيزاب ۽ گلائيسرول مونومرس آھن جيڪي پاڻ ۾ ملي چرٻي (Fat) ٺاھيندا آھن. چرٻي پاڻيءَ ۾ حل نه ٿيندي آھي ڇا ڪاڻ ته ان ۾ ڪوبه پولر گروپ (Polar group) نه ھوندو آھي. چرٻي يا تيل اھو ماليڪيول آھي جيڪوچرٻيءَ جي ٽن ماليڪيولن مان ٺھندو آھي. چرٻي جا تيزاب گلائيسرول سان گڏجي پاڻي جي ٽن ماليڪيولن سان نيڪال ٿي پاڻ ۾ ملي ٺھن ٿا.

ڪمري جي عام گرميءَ جي درجي تي  تيل پاڻياٺ ھوندو آھي جڏھن ته چرٻي نھري صورت ۾ ھوندي آھي.  چرٻي گھڻو ڪري جانورن مان ۽ تيل ٻوٽن مان حاصل ٿئي ٿو.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت