فنجائي ۽ فنجائي جون خاصيتون

فنجائي (Fungi)

فنجائي جاندارن جو اھڙو گروھ آھي جن جي جسم کي مائيسيليم چئبو آھي. اھو ھائيفي جو ٺھيل ھوندو آھي. ھي ھائيفي سيٽوسائيٽڪ  بغير ڪلوروفل ۽ گھرڙي جي ڀت ٻڌل ھوندو آھي.

فنجائي کي جنسي پيدائش جي لحاظ کان مختلف گروھن ۾ ورھايو ويو آھي. فنجائي جي ڪجھ جنسن جي غذا  طور پوک ڪئي وڃي ٿي جيئن بٽڻ کنڀيون.

فنجائي معاشي اعتبار کان به اھم آھن ھنن مان دوائون وغيرھ ٺھن ٿيون پنير ۾ خاص ذائقي ۽ خوشبو لاءِ ڪم اچن ٿا. فنجائي جي ڪري بيماريون به پيدا ٿينديون آھن. خمير کي بيڪري مصنوعات ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

فنجائي جون خاصيتون

فنجائي جون مکيھ خاصيتون ھي آھن.
(1)           ھنن ۾ ڪلوروفل نه آھي.
(2)           ھي جيوگھرڙا سينو سائيٽڪ آھن.
(3)           گھرڙي جي ڀت فنگس سيليولوز جي ٺھيل ھوندي آھي.
(4)           ھنن جو جسم ھائيفي تي مشتمل ٿئي ٿو.
(5)           ھنن ۾ ذخيرو ٿيل خوراڪ گلائيڪو جن ۽ سڻڀ جي ذرڙن تي مشتمل آھي.
(6)           غير جنسي پيدائش اسپورس، بڊنگ ۽ فريگمينٽيشن وسيلي ڪن ٿا.
(7)           جنسي پيدائش ڪانجوگيشن ۽ آئسوگيمي وسيلي ٿيندي آھي.
(8)           غذا جي لحاظ کان سئپروفائيٽ سمبايوسز ۽ پئراسائيٽ آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت