Frog


ڏيڏر
ڏيڏر خشڪي توڙي پاڻي ٻنھي ھنڌن تي رھي سگھي ٿو. ڏيڏر پاڻي ۾ ترندو آھي. ھن جي پير جي آڱرين ۾ جھلي لڳل آھي جيڪا ڏيڏر کي ترڻ ۾ مدد ڏيندي آھي. ڏيڏر جي ھر پير ۾ پنج آڱريون آھن ۽ ھر ھٿ ۾ چار آڱريون آھن. آڱوٺو تمام ننڍو ٿيندو آھي نر ڏيڏر ۾ پھرين آڱر ٻين آڱرين جي ڀيٽ ۾ ٿلھي آھي. ڏيڏر کي پڇ نه آھي. ڏيڏر کي ڳچي به ڪونه ٿئي جنھن ڪري منھن ورائي ڏسي نه ٿو سگھي. ڏيڏر جو مٿو مخروطي (Conical) شڪل جو آھي جنھن تي ٻه اڀريل اکيون آھن جن جي پٺيان ھڪ گولائي وارو چڪرو ٿئي ٿو جنھن کي ٽيمپينڪ ميمبرين (Tympanic membrane) چئبو آھي اھا جھلي کيس ٻڌڻ لاءِ مدد ڪري ٿي. ڏيڏر جي مٿي جي چوٽي تي ٻه سوراخ آھن جيڪي ناسون (Nostrils) سڏبا آھن. جن سان ساھ کڻي ٿو. ڏيڏر جي کل ڍري، چيڪڻي آھي. ڏيڏڙ برسات جي مند ۾ آنا لاھيندو آھي. ڏيڏر سياري ۾ گپ ۾ لڪي ننڊ ڪري ٿو جنھن کي ھائبرنيشن (Hibernation) چئبو آھي.

ڏيڏر جي ھاضمي جو نظام

ڏيڏر جو ھاضمي جو نظام (Digestive system)
A. ھاضمي جي نالي
B. ھاضمي جي غدودن
تي مشتمل آھي.

A.  ھاضمي جي نالي (Alimentary canal):
ڏيڏر جي ھاضمي جي نالي بڪل ڪيوٽي، فيرنڪس، ايسوفيگس، معدي ۽ آنڊي تي مشتمل آھي.

1.  بڪل ڪيوٽي (Buccal cavity):
وات مان کاڌو بڪل ڪيوٽي ۾ داخل ٿيندو آھي. بڪل ڪيوٽي جي مٿين طرف وات ۽ ھيٺين طرف نڙگھٽ يا فيرنڪس آھي.

2.  فيرنڪس (Pharynx):
بڪل ڪيوٽي نڙگھٽ يا فيرنڪس سان ملي ٿي جيڪا ھاضمي ۽ ساھ کڻڻ جي سرشتن کي ھڪٻئي کان ڌار ڪري ٿي. نڙگھٽ اڳتي ھلي ھڪ ويڪري نليءَ يعني نڙي يا ايسوفيگس (Esophagus) ۾ کلي ٿو فيرنڪس ايسوفيگس  ۾ کلي ٿو.

3.  ايسوفيگس (Esophagus):
فيرنڪس ايسوفيگس ۾ کلي ٿو ۽ ايسوفيگس معدي ۾ کلي ٿو.

4.  معدو (Stomach):
معدو ھڪ ٿلھي کل واري مشڪائون (Muscular) ۽ غدودي ٿيلھو ٿئي ٿو. معدي جي اڳئين حصي کي ڪارڊيئڪ (Cardiac)۽ پوئين حصي کي پائلورڪ (Pyloric) چئبو آھي. کاڌو معدي ۾ پيسجي خميري جزن   (Pepsin) سان ملي کاڌي کي ھضم ڪندو آھي ۽ کاڌو معدي ۾ ھڪ لئي (Paste) جھڙو ٿي ويندو آھي جنھن کي ڪائم (Chyme) چئبو آھي. کاڌو معدي کان پوءِ آنڊي ۾ وڃي ٿو.

5.  آنڊو (Intestine):
آنڊو ھڪ ويڙھيل سوڙھي ۽ ڊگھي نلي ٿئي ٿي. آنڊي جا ٻه حصا آھن ننڍو آنڊو ۽ وڏو آنڊو. ننڍي آنڊي جو شروعاتي حصو ڊيوڊينم آھي ۽ آخري حصو ايليم آھي. معدي جو نيم ھضم ٿيل کاڌو ننڍي آنڊي ۾ پھچي ٿو جتي اھو مڪمل طرح ھضم ٿئي ٿو ۽ اُتان ھضم ٿيل کاڌو رت ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اڻ ھضم ٿيل کاڌو وري وڏي آنڊي (Rectum) ۾ داخل ٿئي ٿو. ريڪٽم جي آخري حصي کي ڪلوئيڪا (Cloaca) چئبو آھي. جتان اڻ ھضم ٿيل کاڌو ڪاڪوس (Faeces) جي صورت ۾ ھڪ سوراخ ڪلوئيڪل اپرچر (Cloacal aperture) جي ذريعي ٻاھر نڪري ٿو.

B. ھاضمي جا غدود (Digestive Glands) :
ھاضي جا غدود ٻه آھن. جيرو (Liver) ھڪ قسم جو وڏو غدود آھي جيڪو معدي جي ڀر ۾ ٿئي ٿو. جيري مان نيڪال ٿيڻ واري رس کي بائيل (Poile) چئبو آھي. جيري جي تهن ۾ ھڪ گولائي نما ڳوٿري ٿئي ٿي جنھن کي پتو (Gall bladder) چئبو آھي، جيڪو بائيل گڏ ڪندو آھي. پتي مان ھڪ نالي بائيل ڊڪٽ (Bile duct) نڪري ٿي جيڪا اڳتي ھلي لبلي مان ٿيندي لبلبي واري ناليءَ سان وڃي ملي ٿي جتي ھڪ ٻيو ھاضمي وارو غدود معدي ۽ ننڍي آنڊي جي پھرين حصي ڊيوڊينم جي وچ ۾ ٿئي ٿو ھن ۾ ٺھڻ واري رطوبت کي لبلي جو رس (Pancreatic juice) چئبو آھي جيڪو لبلبي واري ناليءَ ذريعي ڊيوڊينم ۾ نيڪال ٿئي ٿو. لبلبي واري نالي ۽ بائيل ڊڪٽ پاڻ ۾ ملي ھئپٽو پئنڪرياٽڪ ڊڪٽ   (pancreatic duct  (Hepato   ٺاھين ٿا جيڪا ننڍي آنڊي ۾ کُلي ٿي جتي ٻئي رس کاڌي سان ملي کاڌي کي مڪمل ھضم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آھن.

ڏيڏر ۾ ساھ کڻڻ جا طريقا

ڏيڏر ۾ ساھ کڻڻ جا ٽي طريقا آھن.
1.                          ڦڦڙن ذريعي ساھ کڻڻ (Pulmonary respiration) :
2.                          چمڙيءَ وسيلي ساھ کڻڻ (Cutaneous respiration) :
3.                          وات ذريعي ساھ کڻڻ (Buce respiration):



(1)         ڦڦڙن ذريعي ساھ کڻڻ (Pulmonary respiration)  

ڦڦڙن ذريعي ساھ کڻڻ وارو عمل پلمونري ريسپائريشن سڏبو آھي. ھن طريقي ۾ ڦڦڙن ذريعي گئسن جي مٽاسٽا ٿئي ٿي. ڦڦڙ ڦوڪڻي جھڙا ٿين ٿا جن جي ٻاھرين سطح لسي (Smoth) ۽ اندرين سطح اُڀار نما تهن واري آھي. اھي اُڀار گئسن جي مٽاسٽا وقت اندرين سطح جي پکيڙ وڌائين ٿا. ڦڦڙن ۾ ڪافي مقدار ۾ رت جون ناليون (Vessels) آھن. ھر ڦڦڙ جي مٿين حصي تي ھڪ ساھ جي نالي برانڪس (Bronchus) آھي اھڙي طرح ٻئي ساھ جون ناليون ليرنڪس (Larynx) ، کُلن ٿيون ۽ گلوٽس (Glotiss) به ليرنڪس ۾ کُلي ٿي.

ساھ کڻڻ دوران ھوا ناسن ذريعي اندر داخل ٿئي ٿي جيڪا بڪل ڪيوٽي ۾ اندرين ناسن ذريعي پھچي ٿي جتان گلوٽس ۾ داخل ٿي ليرنڪس ۽ برونڪائي مان آخر ڦڦڙ ۾ پھچي ٿي جتي ھوا ۽ رت جي وچ ۾ گئسن جي مٽاسٽا جو عمل ٿئي ٿو يعني آڪسيجن رت سان ملي ٿي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نيڪال ٿئي ٿي.

(2)         چمڙيءَ وسيلي ساھ کڻڻ (Cutaneous respiration) 
جڏھن گئسن جي مٽاسٽا چمڙيءَ وسيلي ٿئي ته ان کي چمڙيءَ وسيلي ساھ کڻڻ چئبو آھي. ڏيڏر چمڙيءَ کي ساھ کڻڻ جي عضوي جيان سياري جي ننڊ دوران استعمال ڪندو آھي ھن عمل ۾ آڪسيجن چمڙيءَ ذريعي رت سان ملي ٿي ۽ ڪاربان ڊاءَآڪسائيڊ رت جي سنھڙين نالين ذريعي چمڙيءَ مان ٻاھر نيڪال ٿئي ٿي.

(3)         وات ذريعي ساھ کڻڻ (Buce respiration) 
ڏيڏر جي بڪل ڪيوٽي سنھين گھميل ۽ تمام گھڻين رت جي نالين ن(Blood capillaries)سان ڀريل ھوندي آھي جتي گئسن  جي مٽاسٽا عمل ۾ ايندي آھي. ھن قسم جي ساھ کڻڻ جي طريقي کي وات ذريعي ساھ کڻڻ (Buccal respiration)چئبو آھي.

رت جي دوري جي نظام جي اھميت

اھو نظام جنھن  ۾ دل ۽ ان سان لاڳاپيل رت جون ناليون جسم جي سڀني حصن کي رت پھچائين ٿيون ۽ واپس آڻين ٿيون رت جو دورو سڏبو آھي. ھن نظام کي گھڻي اھميت حاصل آھي. ڇوته ھن نظام جي ذريعي آڪسيجن، کاڌو، ھارمونس ۽ بيڪار مادا ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچندا آھن.

ڏيڏر جي دل
 دل (Heart) 

ڏيڏر جي دل ھڪ مخروطي مشڪي عضوو (Muscular organ) آھي. ھن جي چوڌاري پڙدو ٿئي ٿو جنھن کي پيري ڪارڊيم  (Pericardium) چئبو آھي. دل جو ڪم سسڻ ڦنڊڻ آھي جنھن کي دل جو ڌڙڪڻ چئبو آھي جنھن ڪري جسم  ۾ مسلسل رت جو دورو ھلي ٿو.

ڏيڏر جي دل ٽن خانن تي مشتمل آھي.
1.  ساڄي ڪنوتي يا ائٽريم  (Right auricle or atrium)
2.  کاٻي ڪنوتي يا ائٽريم     (Left auricle or atrium)
3.  ھيٺيون خانو يا وينٽريڪل   (Ventricle)

وينٽريڪل مان ھڪ نالي ٽرنڪس آرٽيريوسز (Truncus arteriosus) نڪري ٿي اھا وري ٻن شاخن ۾ ورھائجي ٿي انھن مان ھر ھڪ شاخ  وري وڌيڪ ٽن شاخن ۾ ورھائجي وڃي ٿي. ھڪ ٻي ٽڪنڊي ٿيلھي سائنس وينوسز (Sinus venosus) آھي جيڪا ساڄي ڪنوتي ۾ کلي ٿي اھي ٻئي بناوتون دل  جي حقيقي خانن مان نه آھن پر لاڳا پيل خانا آھن.

دل ۾ رت جو دورو مسلسل ٿيندو رھي ٿو ۽ سندس حرڪت جا ٻه رستا آھن. صاف رت ڦڦڙن مان ٿي پلمو نري وين ذريعي کاٻي ڪنوتي ۾ داخل ٿئي ٿو. خراب رت وري جسم جي سڀني حصن مان سائنس وينوسز ۾ داخل ٿئي ٿو، اتان پوءِ ساڄي ڪنوتيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو جڏھن ٻئي ڪنوتيون سسن ٿيون ته رت دل جي ھيٺين اڪيلي خاني ۾ ڌڪجي اچي ٿو جڏھن ھيٺيون خانو سسندو آھي ته رت ٽرنڪس آريٽريوسز  ۾ اچي ٿو جتان اھو جسم  جي ٻين حصن تائين وڃي ٿو.

ڏيڏر  ۾ شرياني نظام  (Arterial system)

شريانيون رت جي نالين جو مجموعو آھن. جيڪي رت کي دل مان کڻي سڄي جسم ۾ پھچائن ٿيون شريانين جو نظام ھيٺين ٽن وڏين شريانين تي مشتمل آھي.

(1) پلمو ڪيوٽينس شريانيون (Pulmocutaneous arteries):
ھي شريانيون خراب رت ڦڦڙن ۽ چمڙي ڏانھن کڻي وڃن ٿيون. ڦڦڙن ۾ اھو رت ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نيڪال ڪري آڪسيجن حاصل ڪندو آھي.

(2) ڪيروٽڊ شريانيون (Carotid arteries) :
ھي شريانيون ٽرنڪس آريٽريوسز کان نڪرن ٿيون ۽ صاف رت مٿي جي مختلف حصن، دماغ، زبان، مٿي جا عضوا، اکين، ڪنن وغيرھ ڏانھن پھچائن ٿيون.

(3) سسٽيميٽڪ شريانيون (Systematic arteries)
ھي شريانيو انصاف رت کڻي مٿي ۽ ڦڦڙن کانسواءِ باقي سڄي جسم جي حصن ڏانھن پھچائين ٿيون. ھن سرشتي جي مکيھ نالي شاھ شريان (Aorta)  آھي جنھن مان ٻيون ڪيتريون ئي شريانيون نڪرن ٿيون جيڪي جسم جي مختلف حصن جيئن اڳين ۽ پوئين ڄنگھن، ھاضمي جي نظام، جيري، لبلبي، بڪين ۽ جنسي عضون ڏانھن وڃن ٿيون.

ڏيڏر ۾ نسن جو نظام  (Veinoes system)

نسون رت جي نالين جو ھڪ مجموعو آھن. جيڪي جسم جي سڀني حصن مان رت کڻي دل کي پھچائين ٿيون. نسن جو نظام ھيٺين ٽن مکيھ حصن تي مشتمل آھي.
(1)         خرب رت ڦڦڙن مان ٿيندو پلمونري نس ذريعي دل جي کاٻي ڪنوتيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو.
(2)         مٿي ۽ اڳين ڄنگھن مان خراب رت ڪيترين ئي رڳن يا نسن ذريعي گڏ ٿي ھڪ مکيھ نس پريڪيول “Precaval vein ڏانھن وڃي ٿو. اھي پريڪيول نسون سائنس وينوسز ۾ داخل ٿين ٿيون جتان رت ساڄي ڪنوتي ۾ وڃي ٿو.
(3)         سڄي جسم جي ھيٺين حصي جھڙوڪ معدي، آنڊي، جيري، لبلبي، جنسي عضون پوئين ڄنگھن وغيرھ مان رت ننڍين نسن وسيلي گڏ ٿي ھڪ مکيھ نس پوسٽ ڪيول نس (Post caval vein)  ۾ اچي ٿو.

پورٽل نظام (Portal system) 
نسن جي اھڙي مجموعي کي پورٽل نظام چئبو آھي جيڪي رت کي ھڪ عضوي کان کڻي ٻئي عضوي ۾ پھچائين ٿيون. ڏيڏر  ۾ ٻه پورٽل نظام آھن.

1.  ھئپاٽڪ پورٽل نظام  (Hepatic portal system)
ھاضمي جي نظام مان رت سڌو سنئون دل ڏانھن نٿو وڃي پھرين ھيپاٽڪ پورٽڪ نس وسيلي جيري ۾ وڃي ٿو اتان سنھين نالين (Capillaries) ۾ ورھائجي ھضم ٿيل کاڌي کي منتقل ڪري جيري  ۾گڏ ڪري ٿو جيري مان اھو رت پوسٽ ڪيول ۾ داخل ٿئي ٿو جتان سائنس وينوسز ۾ وڃي ٿو پوئين ڄنگھن مان ڪجھ رت ائبڊومينل نس (Abdominal vein) ۾ گڏ ٿئي ٿو جيڪا ھيئپاٽڪ پورٽل سان ملي  رت کي پوسٽ ڪيول نس ۾ داخل ڪري ٿي. اھي نسون ھئپاٽڪ پورٽل نظام جو حصو آھن.

2.  رينل پورٽل نظام  (Renal Portal system)
پوئين ڄنگھن مان رت جو متبادل رستو رينل پورٽل سرشتي جو آھي، جيڪي ننڍين ننڍين نالين مان شروع ٿي ڄنگھن ۾ وڌيڪ ننڍڙين نالين ۾ ورھائجي بُڪين (Kidney ) مان داخل ٿين ٿيون. بُڪين مان ھي رت رينل وسيلي دل ڏانھن موٽي ٿو. ھي نسون به رينل پورٽل نظام جو حصو آھن.

ڏيڏر ۾ نيڪال جو نظام  (Excretory system)

اڻ ھضم ٿيل مواد کي جسم مان ٻاھر ڪڍڻ وارو عمل نيڪال جو عمل سڏبو آھي. ھي عمل بُڪين (Kidney) ذريعي ٿئي ٿو جيڪي رت مان بيڪار مادا ڇاڻي پيشاب جي صورت ۾ نيڪال ڪن ٿيون. ڏيڏر ۾ ٻه بُڪيون آھن جيڪي ڊگھيون ڳاڙھي  ناسي رنگ جون آھن جسم جي خول (Body cavity)  جي پٺيءَ واري پاسي جي ڀت سان چنبڙيل ھونديون آھن. پيشاب بُڪين مان ٻن نلڪين يوريٽرس (Ureters) جي ذريعي ھڪ سوراخ ڪلو ايڪا (Cloaca) مان ٻاھر نيڪال ٿئي ٿو. ڪلو ايڪا مان اھو پيشاب ڪلو ايڪل اپرچر (Cloacal aperture ) مان ٻاھر نيڪال ٿئي ٿو يا ڪجھ وقت لاءِ مثاني (Urinary bladder ) ۾ جمع ٿئي ٿو.

ڏ يڏر ۾ پيدائشي نظام (Reproductive system)

اھو عمل جنھن سان جاندار پاڻ جھڙا ٻچا پيدا ڪن ٿا پيدائشي عمل سڏبو آھي. ھن عمل ۾ استعال ٿيندڙ عضوا پاڻ ۾ ملي پيدائشي نظام ٺاھين ٿا. ڏيڏر ۾ نر ۽ مادي جنسون جدا جدا آھن. پيدائشي عضوا گونيڊس (Gonads) ۽ انھن ۾ شامل نالين (Ducts) تي مشتمل ھوندا آھن گونيڊس پيدائشي جيوگھرڙا پيدا ڪندا آھن ۽ ناليون انھن کي جسم مان ٻاھر ڪڍنديون آھن. نر جي گونيڊس کي ٽيسٽس (Testis)  (آنورا) ۽ مادي جي گونيڊس کي ٻچيداڻي (Ovary) چئبو آھي گونيڊس يا آنورا جوڙن جي صورت ۾ ھوندا آھن اھي بڪين جي ويجھو ھوندا آھن نر جي جنسي گھرڙن کي اسپرم (Sperm) ۽ ماديءَ جي جنسي گھرڙن کي اووم(Ovum)  يا آنو چئبو آھي. ڄم جي مند ۾ مادي ڏيڏر آنا ڪلوايڪا ذريعي پاڻيءَ ۾ نيڪال ڪندي آھي ۽ نر ڏيڏر اسپرمس پاڻيءَ ۾ نيڪال ڪندو آھي. آنا ۽ اسپرم پاڻ ۾ ملي ھڪ نئون ڏيڏر ٺاھڻ جي شروعات ڪن ٿا.

ڏيڏر جي ڪن (Ear)جي بناوت

ڏيڏر جي ڪن جي اندرين بناوت تي نظر وجھبي ته سڀ کان ٻاھريون حصو ٽيمپينڪ پڙدو  (Tympanic membrane)ڏسڻ ۾ ايندو. انھيءَ پردي جي ھيٺيان ھڪ خال آھي جيڪو ٽيمپينڪ خول (Tympanic cavity)  چئبو آھي جنھن جو ھڪ ڇيڙو ٽيمپينڪ پڙدي سان ۽ ٻيو ڇيڙو اندرين ڪن سان مليل آھي.

ڪن جو اندريون حصو تمام نازڪ آھي اھو ٽن گولائيءَ جھڙين نالين تي مشتمل آھي اھي ناليون ھڪ پاڻياٺ ۽ حسي جيوگھرڙن سان ڀريل آھن آواز جون لھرون ٽڪرائجڻ سان انھن ۾ لرزش پيدا ٿيندي آھي. اھڙي طرح ريسيپٽرس (Receptors) کي اندرين ڪن ۾ جوش ڏيارينديون آھن. اندريون ڪن ٻڌڻ کان سواءِ جسم جو توازن به برقرار رکندو آھي.

ڏيڏر جي اک (Eye) جي بناوت تي نوٽ لکو.


ڏيڏر جي اک جي اندرئين بناوت ڏسڻ تي اک جي اندرين تَھَ ۾ حسي عضوو ريٽينا (Retina) ڏسڻ ۾ ايندو. ريٽينا فوٽو رسيپٽرس جيوگھرڙن تي مشتمل آھي. ريٽينا جي ٻاھران وارو تَھَ ڪورائيڊ (Choroid)  آھي. جنھن ۾ تمام گھڻيون سنھيون رت جون ناليون آھن جيڪي ريٽينا کي کاڌو پھچائين ٿيون.

اک جو سڀ کان ٻاھريون پڙدو اسڪيليراٽڪ (Scleratic) آھي. اک جي شفاف حصي کي ڪارنيا (Cornea) چئبو آھي. ڪارنيا کان پٺيان آئرس (Iris) آھي. آئرس ۾ ھڪ دري يا سوراخ آھي جنھن کي ماڻڪي (Pupil) سڏبو آھي. ماڻڪيءَ جي پٺيان ھڪ بلور آھي. ڪارنيا، ماڻڪي ۽ بلور روشنيءَ کي ريٽينا تي مرڪوز (Focus) ڪندا آھن ڪارنيا ۽ بلور جي وچ ۾ پاڻياٺ ٿيندي آھي. ساڳئي طرح ھڪ لڳدار پاڻياٺ بلور ۽ ريٽينا جي وچ ۾ به موجود آھي جنھن منجھان روشني گذري ريٽينا تي پوندي آھي. آپٽڪ تنت (Optic nerve) حسي پيغامن کي اک کان دماغ تائين پھچائيندي آھي.

ڏيڏر جو تنتي نظام(Nervous system)

ڏيڏر ۾ تنتي نظام جا ٻه حصا آھن. ھڪ مرڪزي تنتي سرشتو (Central nervous system)  ۽ ٻيو پيريفرل تنتي سرشتو(Peripheral nervous system)  مرڪزي تنتي سرشتي ۾ دماغ  (Brain)۽ حرام مغز (Spinal cord) شامل آھن. جڏھن ته پيريفرل ۾ اھي تنتون آھن جيڪي مرڪزي سرشتي ۽ جسم جي مختلف حصن جھڙوڪ حواسي عضون ، مُشڪن، غدودن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪن ٿيون. دماغ مٿي جي کوپڙي(Skull)  ۾ آھي ۽ حرام مغز ڪرنگھي جي ھڏي جي نالي مان گذري ٿو. پيريفرل سرشتو ڪرينيئل تنتن (Cranial nervous) ۽ اسپائنل (Spinal) تنتن تي مشتمل آھي. ڪرينيئل تنتون مٿي جي مختلف حصن ۽ دماغ جي وچ ۾ حِسي ۽ حُڪمي رابطو قائم ڪن ٿيون. اسپائنل تنتون اِھو ئي ڪم ڌڙ، ۽ حرام مغز جي وچ ۾ سرانجام ڏين ٿيون.

ڏيڏر جو مغز

ڏيڏر جي مغز ۾ ھيٺيان حصا نظر اچن ٿا.
(1)         سڀ کان اڳيون حصو آلفيڪٽري لوب (Olfactory lobe) آھي.
(2)         ان جي پويان ٻه وڏا اُڀار آھن جن کي سيريبرل ھيمسفيئر (Cerebral hemisphere )  چئبو آھي.
(3)         ھيمسفيئر جي پويان ٻه واضح اڀار آھن جن کي آپٽڪ لوب (Optic lobe )  چئبو آھي.
(4)         ھيمسفيئر ۽ آپٽڪ لوب جي وچ وارو حصو ڊائن سيفلان (Dien cephalon)  آھي جنھن جي مٿين سطح کان پائينيئل باڊي اُڀري ٿي ۽ ھيٺين سطح پڇيوٽري غدود (Pituitary glands) سان ڳنڍيل آھي.
(5)         مغز جا آخري حصا سيريبلم (Cerebellum) ۽ ميڊيولا آبلونگيٽا (Medulla oblongata) آھن.
آلفيڪٽري لوب ۽ ھيمسفيئر جو تعلق سنگھڻ جي حس سان آھي ڊائن سيفلان ٻاھرين ۽ اندرين ماحول جا محرڪات محسوس ڪري ٿو. آپٽڪ لوب جو تعلق ڏسڻ جي حس ۽ اکين سان آھي. سيريبلم ۽ ميڊيولا جسم جي حرڪتن، بدن جي توازن، ساھ جي دوري، ذائقي ۽ ھاضمي جي عضون جي ڪم سان تعلق رکن ٿا. حرام مغز ڌڙ جي حرڪتن کي ڪنٽرول ڪري ٿو.

ڏيڏر ۾ حواس جا عضوا   (Sense organs)

ھر ھڪ جاندار وانگر ڏيڏر کي به ماحول جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ رسيپٽرس (Receptors) عضوا ٿين ٿا. ھي رسيپٽرس مرڪزي تنتي سرشتي ڏانھن تنتن جي معرفت خبرون پھچائين ٿا. ڏيڏر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا رسيپٽرس ٿين ٿا. ھن جي کل ۾ ڪيترائي ننڍا خوردبيني قسمن جا رسيپٽرس ڇھڻ جي احساس لاءِ ھوندا آھن. سنگھڻ جي حواس لاءِ سندس ناسن ۾ اولفيڪٽري رسيپٽرس آھن، چکڻ جي احساس لاءِ سندس زبان جي مٿان ذائقي جا گرھ (Taste buds) آھن ٻڌڻ لاءِ اندريون ڪن ۽ ڏسڻ لاءِ اکيون ٿين ٿيون.





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت