Famous Biologist Scientist


 مشهور حياتيات ماهر

پندرھين صدي عيسوي کان پوءِ يورپين ۽ ٻين ماھر حياتياتدانن حياتيات جي علم ۾ ڪارناما سرانجام ڏنا انھن جو ذڪر ھيٺ بيان ڪجي ٿو.

 وليم ھاروي (1578ع کان 1657ع):

ھن جسم ۾ رت جي دوري جو تفصيلي ذڪر ڪيو.

 گليليو (1610ع): 

ھن خوردبين ايجاد ڪئي جيڪا ننڍڙن جاندارن کي ڏسڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

رابرٽ ھُڪ (1665ع): 

ھن جاندارن جي جسم جي بنيادي جزي جيو گھرڙي (Cell)   کي دريافت ڪيو.

 لينيئس (1704ع کان 1778ع:(

ھن جاندارن کي سندن خاصيتن جي بنياد تي مختلف گروپن ۾ ورھائڻ لاءِ مخصوص طريقن جو استعمال ڪيو ۽ سائنسي نالا پڻ ڏنا جنھن ڪري کيس ٽئگزانامي جو ابو سڏجي ٿو.

شيلائيڊن ۽ شوان (1839ع): 

ھنن جانورن ۽ ٻوٽن جي جيو گھرڙن جي تفصيلي بناوتي حصن ۾ ڪم ڪيو ۽ ان ڪم جي روشنيءَ ۾ جيو گھرڙي وارو نظريو (سيل ٿيوري Cell Theory ) پيش ڪيو.

لوئيس پاسچر (1822ع کان 1895ع): 

ھن مختلف بيمارين مثلاً ٽي بي T.B جو سبب بڻجندڙ بيڪٽيريا جي دريافت ڪئي.

 جي ليٽر (1860ع): 

ھن ڪيتريون ئي جراثيم ڪُش دوائون دريافت ڪيون جيڪي زخمن کي پسرجڻ کان روڪڻ لاءِ دوا طور استعمال ٿين ٿيون مثلاً آيوڊين ۽ ڪاربولڪ ايسڊ.

 ايڊورڊجيز (1896ع): 

ھن انتهائي موذي مرض مثلاً ماتا (Small pox) جي خلاف ٽڪا (Vaccination) ايجاد ڪيا.

 چارلس ڊارون (1859ع): 

ھن مشھور ڪتاب ”اوريجن آف اسپيشيز“ لکيو جنھن ۾ ھن ارتقا (Evolution)  تي سائنسي راءِ ڏني.

 گريگر جان مينڊل (1822ع کان 1884ع):

ھن موروثيت متعلق پنھنجو مشھور قانون ڏنو اھڙيءَ طرح ھن جينٽڪس جي علم جو بنياد وڌو.

واٽسن ۽ ڪِرڪ (1953ع):

ھنن ٻٽي زنجير جھڙن ور وڪڙن مثلاً DNA جي بناوت جو خيال پيش ڪري اھو ثابت ڪيو ته DNA موروثي خاصيتن جا جزا نئين نسل ۾ منتقل ڪرڻ جا ذميوار آھن.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت