Discuss local fauna? in Sindhi Language

مقامي فانا تي بحث ڪريو؟
پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارا کاڌي طور استعمال ٿيندڙ جانورن سان مالا مال آھن. اسان جي سمنڊ، دريائن ۽ ڍنڍن ۾ مڇيون جام آھن. بي انداز قسمن جون آھن جن مان عام مڇيون روھو يا ڪرڙو، پلو، کڳو، ٽرائوٽ، مھاشير، فليٽ فش، سي ھارس، ملي، اسڪيٽس، ريز، اسڪوليڊن (ڊاگ فش) آھن. اسان جا عام ايمفيبيئنس ڏيڏر ۽ ٽوڊ آھن. اسان جا عام ريپٽائيلس واڳون، ڪرڙي، ڪمي، ڪاريھر، ڪريٽ ۽ کپر نانگ آھن.
اسان جي ملڪ ۾ نه اڏامندڙ پکي ته ڪونه آھن پر اڏامندڙ پکين جا قسم جام آھن. ھرسال ڪيترائي ڌاريا پکي جھڙڪ جھنگلي بدڪ وغيرھ اسان وٽ ھجرت ڪري اچن ٿيون ڪوئل تتر ۽ چڪور شڪار وارا پکي آھن. ٻيا عام پکي ڪونج، عقاب، سرڻ، مور، ڪبوتر، ڪانءُ طوطو وغيرھ آھن.
اسان وٽ مختلف قسم جا ھرڻ، سرھھ (جھنگلي ٻڪرو) ۽ گڊ( جھنگلي رڍ) به آھن جيڪي شڪارين جا من پسند جانور آھن. اسان وٽ شينھن ۽ چيتو شڪارين تقريباً  ناس ڪري ڇڏيا آھن. ڀولڙو به ملڪ کان ٻاھر تمام گھڻي گھرج جي ڪري خطري  ۾ پيل آھي، اسان وٽ ڪيترائي جانور مشغلي ۽ بار ڍوئڻ  لاءِ پاليا وڃن ٿا جھڙوڪ جھنگلي ٻڪرو گڏھھ گھوڙا اٺ وغيرھ ڀورا لنگور، رسيس ڀولڙو مار خور، برفاني چيتو بگھڙ گدڙ وغيرھ به اسان وٽ ٿيندا آھن. کير ۽ گوشت لاءِ اسان وٽ ڳئون، مينھون، ٻڪريون، رڍون عام گھريلو پالتو جانور طور پاليون وينديون آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت