ڪورونا وائرس ڇا آھي؟


ڪورونا وائرس ڇا آھي؟
چين جي شھر ووھان ۾ ڊسمبر 2019ع کان بخار، ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ۽ نمونيا جي بيماري عام ٿيندي نظر آئي آھي. اھا وبا، ھڪ نئين قسم جي وائرس ڪورونا مان پکڙي آھي. صحت جا ماھر انھيءَ وائرس جي پکڙجڻ جي بنيادي ڪارڻن جو جائزو وٺڻ ۽ ان وائرس کان بچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آھن.

ڪورونا وائرس ڪيئن پکڙجندو آھي؟ 
مريض سان ويجهو ٿيڻ، مريض جي کنگھ يا نڇون ڏيڻ جي دوران مريض جي ويجهو ھجڻ، مريض سان ھٿ ملائڻ يا مريض جي استعمال ٿيل شين کي استعمال ڪرڻ، ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ جا ڪارڻ بڻجن ٿا. صحتمند ماڻھو، جڏھن مريض سان ھٿ ملائي يا ڀاڪر پائي ملندا آھن تہ ڪورونا وائرس، ھٿن يا ساھ جي ذريعي صحتمند ماڻھن جي جسم ۾ داخل ٿئي ٿو.

ڪورونا وائرس ڪھڙن ڪھڙن ملڪن تائين پھتو آھي؟
چين جي شھر ووھان مان پکڙجندڙ هي مرض ٻين ملڪن ۾ بہ تيزيَء سان منتقل ٿي رهيو آھي. ھينئر تائين چوويھن ملڪن جن ۾ جاپان، ٿائلينڊ، ملائيشيا، سنگاپور، آمريڪا ۽ ايران ۾ ھن وائرس جا متاثر ٿيل مريض سامھون آيا آھن.

حڪومت ڪورونا وائرس کان عوام کي بچائڻ لاءَ ڪھڙا اُپاَء ورتا آھن؟
چين ۾ اھا وبا جي ظاھر ٿيڻ وقت ئي وفاقي حڪومت سان گڏ سنڌ حڪومت سميت سمورين صوبائي حڪومتن بروقت حفاظتي اپاَء وٺي ڇڏيا آھن.

ٻاھرين ملڪن مان واپس ڏيھ اچڻ وارن مسافرن جي ميڊيڪل اسڪريننگ:
ھن مقصد لاِء ملڪ جي سمورن ايئرپورٽن، سرحدي چيڪ پوسٽن ۽ ٻين داخلي رستن تي موجود تربيت يافتہ عملو، مسافرن ۾ بخار يا لاڳاپيل علامتن جو جائزو وٺي، ڪورونا وائرس جي مشتبہ مريضن کي ٻين مسافرن کان الڳ ڪري، مقرر ڪيل اسپتالن ڏانھن ريفر ڪري ٿو.

مخصوص اسپتالن ۾ خاص وارڊ قائم ڪيا ويا آھن:
سڀني وڏن شھرن ۾ مخصوص اسپتالن ۾ خاص وارڊ قائم ڪيا ويا آھن تہ جيئن ڪورونا وائرس جي ڪنھن بہ مشتبہ مريض کي ھڪدم نگھداشت ۽ جائزي ھيٺ رکي سگهجي، مرض جي چڱيَء ريت چڪاس ڪري سگهجي ۽ مريض کي فوري گهربل طبي سھولتون بہ مھيا ڪجن.

ڇا پاڪستان ۾ بہ ڪورونا وائرس جا مريض ظاھر ٿيا آھن؟
ڪرونا وائرس کان متاثر ملڪن سان تعلق رکندڙ ماڻھن ۽ انھن ملڪن مان آيل 5 هزار پاڪستانين جي 31 جنوري 2020 ع تائين اسڪريننگ ڪئي وئي ھئي، جنھن مان فقط 6 مشتبہ مريض سامھون آيا ھئا، پر انھن منجهان ڪو بہ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيل ڪونہ ھو. 26 فبروري 2020ع تي وزيراعظم جي صحت بابت صالحڪار ھڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو تہ ھن وقت تائين فقط ٻن مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي موجود ھجڻ جي تصديق ٿي آھي.

ڪورونا وائرس جون ڪھڙيون نشانيون آھن؟
ڪورونا وائرس جون عالمتون ، عامِ فلو واريون ساڳيون نشانيون آھن جھڙوڪُ بخار، کنگھ، ساھ ۾ تڪليف ۽ جسم ۾ سور وغيرہ، پر انھن نشانين کي ان صورت ۾ ڪورونا وائرس سمجهيو وڃي سگهي ٿو، جيڪڏھن مريض ڪورونا وائرس کان متاثرن ملڪن مان واپس آيو ھجي.

ڪورونا وائرس ڪيتري حد تائين ھاڃيڪار آھي؟
جيئن تہ ھيُء ھڪ نئون وائرس آھي، تنھن ڪري ان وائرس بابت گهٽ معلومات دستياب ھجڻ سبب ميڊيا ۾ خاص طور تي سوشل ميڊِيا تي افواھ وڌيڪ پکڙجي رھيا آھن. حقيقت اھا آھي تہ ماھرن جي ورتل جائزي مطابق ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين جي شرح فقط 2 کان 3 سيڪڙو آھي.
اھا شرح ٻين وبائي مرضن جھڙوڪ برڊِفلو ۾ 40% مرس ڪورونا ۾ 35% ۽ ايبولا وائرس ۾ 40%  آھي. تنھنڪري عوام کي گذارش آھي تہ اھي حڪومتي ترجمانن يا سرڪاري پڌرائيَء کي ئي ڀروسي جوڳو ذريعو سمجهن، افواھن تي ڌيان نہ ڏين.

ڪورونا وائرس کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو؟
صفائيَء جو خاص خيال رکجي، ھٿ بار بار ڌوئجن، نڇون ڏيڻ ۽ کنگهڻ دوران ٽشو پيپر استعمال ڪرڻ گهرجن، ٽشو پيپر دستياب نہ ھجڻ جي صورت ۾ ٺوٺ سان نڪ کي ڍڪي پوِء کنگهڻ يا نڇ ڏيڻ سان ڪورونا سميت ڪيترن ئي وائرسز کان بچي سگهجي ٿو. ھن وبا جو شڪار يا مشتبہ مريضن سان ملڻ وقت ھٿن تي دستانہ پائڻ ۽ نڪ تي ماسڪ چاڙھڻ گهرجي.

·      ھٿن کي باقائدہ ۽ بار بار ڌوئڻ
·      کنگهڻ يا نڇ ڏيڻ وقت پنھنجي نڪ ۽ وات کي ڍڪي رکڻ
·      بيضن ۽ گوشت کي چڱيَء ريت رڌي کائڻ
·      زڪام ۽ فلو ٿيڻ جي صورت ۾ عوامي جاين تي وڃڻ ۽ ميل ملاقاتن کان پرھيز ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر کان طبي چڪاس ڪرائڻ.
·      جانورن جي ويجهو وڃڻ کان پرھيز ڪرڻ

ڪورونا وائرس کان بچاَء جي ڪا ويڪسين دستياب آھي؟
جيئن تہ اھو نئون وائرس آھي، تنھن ڪري ان جي ڪابہ ويڪسين ڪونھي، پر صحت جي شعبي جا ماھر، ان جي ويڪسين تيار ڪرڻ لاءِ تجربا ڪري رھيا آھن.

عام شھريَء کي ڪورونا وائرس کان ڪيتري حد تائين خطرو آھي؟
ڏيساور مان ايندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي ماڻھن جي آمد جاري آھي، تنھن ڪري ان وائرس جو خطرو موجود آھي. ان لاءِ ضروري آھي تہ حفاظتي اپاَء وٺجن، جن ۾ فلو، زڪام ۽ کنگھ ۽ ٽي بي جھڙن مرضن لڳڻ کان بہ احتياط ڪجي ۽ صفائيَء جو خاص خيال رکجي، ھٿ بار بار ڌوئجن، نڇون ڏيڻ ۽ کنگهڻ دوران ٽشو پيپر استعمال ڪرڻ، ٽشو پيپر دستياب نہ ھجڻ جي صورت ۾ ٺوٺ سان نڪ کي ڍڪي پوِء کنگهڻ يا نڇ ڏيڻ سان ڪورونا سميت ڪيترن ئي وائرسز کان بچي سگهجي ٿو. وبا جو شڪار يا مشتبہ مريضن سان ملڻ وقت ھٿن تي دستانہ پائڻ ۽ نڪ تي ماسڪ چاڙھڻ ضروري آھي.

ٻاھرين ملڪن کان ڏيھ واپس ايندڙن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ڏيساور مان ايندڙ ڏيھي ماڻھن کي پنھنجي مٽن مائٽن ۽ ٻين عام ماڻھن کي وائرس جي خطري کان محفوظ رکڻ لاءِ، سڀ کان پھرين ايئرپورٽس يا سرحدي چيڪ پوسٽن تي موجود صحت جي عملي سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي مڪمل اسڪريننگ ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏھن بعد ۾ بخار يا زڪام ٿئي ٿو تہ پنھنجو مڪمل طبي معائنو ڪرائڻ گهرجي. ماسڪ پھري رکڻ گهرجي، گهڻي ميل ملاقات کان پرھيز ڪجي، ياد رھي تہ ھر زڪام ۽ بخار ڪورونا وائرس سبب ناھي ٿيندو.

پرڏيھ ويندڙ ماڻھن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
پرڏيھ ويندڙ مسافرن کي عوامي ميڙاڪن يا ماڻھن جي انبوھ وارن ھنڌن تي وڃڻ کان پرھيز ڪرڻ گهرجي. بار بار صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ گهرجن يا ھينڊ سينيٽائيزر استعمال ڪرڻ گهرجي. ماسڪ جو استعمال يقيني بنائجي ۽ نچون ڏيڻ يا کنگهڻ وقت وات ۽ نڪ کي رومال يا ٽشو پيپر سان ڍڪيل رکڻ گهرجي.

ھميشہ ياد رکو !
جيڪڏھن ڪنھن بہ شخص ۾ ڪورونا وائرس جون علامتون آھن تہ اھڙي مشتبہ مريض کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ھفتن تائين طبي نگرانيَء جي ضرورت ھوندي آھي تہ جيئن وائرس وڌيڪ ٻين ماڻھن تائين نہ پکڙجي. ان مرض کان خوفزدہ ٿيڻ جي ضرورت ڪونھي. صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن مشتبہ مريض جي معائني، تشخيص يا علاج ڪرڻ دوران ذاتي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪن. دستانن ۽ ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائن. مريضن جو علاج مقرر ڪيل اسپتالن ۾ ڪيو ويندو آھي.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت