Classification of living organisms


جاندارن جي درجي بندي
(Classification of living organisms)

ٽئڪسانامي  (Taxonomy)

اھڙي سائنسي ڄاڻ يا مشاھدو جنھن جو واسطو جاندارن جي درجه بنديءَ سان ھجي ته ان کي جنس بندي يا ٽئڪسانامي (Taxonomy)  چئبو آھي.
واضع لفظن ۾ ٽئڪساناميءَ جي وصف ايئن ڪري سگھجي ٿي ته ھيءَ حياتيات جي اھڙي شاخ آھي جنھن جو واسطو جاندارن جي بناوتن، ھڪجھڙائي، فرق جي تشريح، سڃاڻپ، درجه بندي ۽ نالي ڏيڻ سان آھي.
ايئن به چئي سگھون ٿا ته ٽئڪسانامي جو واسطو جاندارن جي قانوني ترتيب يا درجه بنديءَ سان آھي.

اسپيشيز

جاندارن جي درجه بندي ڪرڻ جو بنيادي ايڪو اسپيشيز آھي جانورن جو اھڙو گروھه جن جون طبعي خاصيتون ھڪجھڙيون ھجن جن ۾ نسلي واڌ ٿي سگھي انھن کي گڏي اسپيشيز چئبو آھي. يا اھي ھڪ اسپيشيز طور سڃاتا وڃن ٿا سولي ڳالھ اھا آھي ته اسپيشيز جنس کي چئبو آھي.

ٽئڪسان

ٽئڪسان مان مراد جاندارن جي درجه بندي جي سرشتي جو ھر گروھ آھي. ھر ھڪ ٽئڪسان کي پنھنجو رتبو ۽ نالو ھوندو آھي. مثال طور ڪلاس مئملس يا جينس ھومو. ٻين لفظن ۾چئبو ته جاندرن جي درجھ بنديءَ ۾ ھر گروھي ڏاڪي کي ٽئڪسان چيو وڃي ٿو.

ٽئڪسانامي جو مقصد ۽ بنياد

ٽئڪسانامي جو مقصد جاندارن ۾ موجود ھڪجھڙايون ۽ فرق سمجھڻ آھي ته جيئن ڄاڻ ملي ته ڪھڙو جاندار ڪھڙي جاندار جي نسل سان واسطو رکندڙ آھي.
ٽئڪسانامي جو بنياد جاندار جي جنس يا اسپيشيز آھي.

درجه بنديءَ جا ايڪا

درجه بنديءَ جو بنيادي ايڪو جنس يا اسپيشيز آھي ھڪ اسپيشيز وارا جاندار پاڻ ۾ نسلي واڌ ڪري سگھندا آھن. ويجھڙائيءَ وارن اسپيشيز کي گڏي جينس يا جنرا ۾ رکيو ويو آھي. جنرا کي گڏي  فيمليز ۾، فيمليز کي گڏي آرڊرس ۾، آرڊس کي گڏي ڪلاسز ۾، ڪاما ڪلاسز کي گڏي فائلا يا فائيلم يا ڊويزن ۾ رکيو ويو آھي. ڊويزنس کي گڏي ڪنگڊمس ۾ رکيو ويو آھي. ۽ سڀئي جاندار ڪل پنجن ڪنگڊمس ۾ رکيا ويا آھن.
ڪڏھن ڪڏھن فائيلم ۽ ڪلاس جي وچ وارن جاندارن کي سب فائيلم يا سب ڊويزن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ڪلاس ۽ آرڊرس جي وچ وارن کي سب ڪلاسز ۾ رکيو وڃي ٿو.

ٻٽو نالو ڏيڻ جو طريقو  (Binominal nomenclature)

نالن جي مونجھارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻٽن نالن جو سرشتو اختيار ڪيو ويو انھيءَ طريقي کي ٻٽا نالا ڏيڻ (Binominal nomenclature) چئبو آھي. ھن طريقي جي نالن ۾ نالي جو پھريون حصو جاندارن جي جينس (Genus)کي ظاھر ڪري ٿو جيڪو جينرڪ (Generic) نالو سڏبو آھي اھو ھميشھ وڏي اکر سان شروع ڪبو آھي. ٻيو حصو اسپيشيز (Species)  جي نالي کي ظاھر ڪري ٿو جيڪو ھميشھ ننڍي اکر سان لکبو آھي. ھر ھڪ سائنسي نالو آئٽالڪ اکرن ۾ يا وري ھيٺان ليڪ ڏئي لکبو آھي.
سرنھن کي براسيڪا ڪيمپيسٽرس، ڏيڏر کي راناٽگرينا ۽ انسان کي ھومو سئپينز جا سائنسي نالا ڏنا ويا آھن.


سرنھن جي درجه بندي
عام نالو
سرنھن
(Mustard)
ڪنگڊم  
پلانٽي
(Plantae)
ڊويزن   
ٽريڪيوفائٽا
(Tracheophyta)
ڪلاس   
ڊائيڪاٽيليڊن
(Dicoty ledonae)
آرڊر   
ڪئپاريلس
(Capparales)
فيملي   
براسيڪيسي
(Brassicaceae)
جينس
براسيڪا
(Brassica)
اسپييشيز
ڪيمپيسٽرس
(Campestris)
سائنسي نالو
براسيڪا ڪيمپيسٽرس
(Brassica campestris)

ڏيڏر جي درجه بندي
عام نالو
ڏيڏر
(Frog)
ڪنگڊم  
ائنيميليا
(Animalia)
ڊويزن   
ڪارڊيٽا
(Chordata)
ڪلاس   
ايمفيبيا
(Amphibia)
آرڊر   
سيلينٽيا  ـ انورا
(Salientia- Anura)
فيملي   
رينيڊي
(Ranidae)
جينس
رانا
(Rana)
اسپييشيز
 ٽگرينا
(Tigrina)
سائنسي نالو
رانا ٽگرينا
(Rana tigrina)

ماڻھو جي درجه بندي
عام نالو
ماڻھو
(Man)
ڪنگڊم  
 ائنيميليا
(Animalia)
ڊويزن   
ڪارڊيٽا
(Chordata)
ڪلاس   
مئماليه
(Mammalia)
آرڊر   
پرائيميٽس
(Primates)
فيملي   
ھومينيڊي
(Homindae)
جينس
 ھومو
(Homo)
اسپييشيز
سئپينز
(Sapiens)
سائنسي نالو
ھوموسئپينز
(Homo sapiens)


ٻن ڪنگڊمس کي ڪھڙي سبب پنجن ڪنگڊمس ۾ تبديل ڪيو ويو؟

اڳ ۾ جاندارن کي صرف ٻن ڪنگڊمس يعني پلانٽ ڪنگڊم (Plant kingdom) يا ٻوٽن جي دنيا ۽ ائنيمل ڪنگڊم (Animal kingdom)  يا جانورن جي دنيا ۾ ورھايو ويو ھو. جنھن جو بنياد سيل وال ۽ ڪلوروفل جي ھئڻ ۽ نه ھئڻ تي رکيو ويو ھو پرڪيترائي جاندار ٻوٽن ۽ جانورن جي اھڙي ورھاست ۾ ٺھڪي نه پئي آيا تنھنڪري ٻن ڪنگڊمس جي جاءِ تي پنج ڪنگڊمس تجويز ڪيا ويا.

پنجن ڪنگڊمس جي رابرٽ ايڇ وٽيڪر (Robert H Whittaker)  وارو نظام

وڏي تعدا ۾ جاندارن جي ٻوٽن ۽ جانورن سان ٺھڪي نه اچڻ سبب رابرٽ ايڇ وٽيڪر (Robert H Whittaker) ٻن ڪنگڊمس جي نظام ۾ تبديلي ضروري سمجھي ۽ پنجن ڪنگڊمس وارو پنھنجو نظام ڏنو.
وٽيڪر جي ڏنل پنجن ڪنگڊمس جو مختصر احوال ھن ريت آھي.

(1) ڪنگڊم مونيرا (Kingdom Monera)
ھن ۾ مختلف طريقن سان کاڌو حاصل ڪندڙ پروڪيريوٽس شامل آھن.

(2) ڪنگڊم پروٽسٽا (Kingdom Protista)
ان ۾ ھڪ گھرڙيائي يوڪيريوٽس جيڪي مختلف طريقن سان کاڌو حاصل ڪن شامل آھن.

(3) ڪنگڊم فنجائي (Kingdom fungi)
ھن ۾ گھڻ گھرڙيائي يوڪيريوٽس جيڪي گھڻ غذائي طريقي سان کاڌو حاصل ڪري سگھن شامل آھن.

(4) ڪنگڊم پلانٽي  (Kingdom Plantae)
ھن ۾ روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) جي ڪري کاڌو حاصل ڪندڙ گھڻ گھرڙيائي يوڪيريوٽس شامل آھن.

(5) ڪنگڊم ائنيميليا  (Kingdom Animalia)
ھن ۾ گھڻ گھرڙيائي يوڪيريوٽس جيڪي ھاضمي سان گھڻ غذائي طريقن تي پلجن ٿا شامل آھن.

ڪنگڊمس جو نئون نظام

ڪنگڊمس جو نئون نظام 1989ع  ۾ آمريڪي حياتيات جي ماھرن مارگلس(Margulis)  ۽ شوارٽز  (Schwartz)متعارف ڪرايو. وٽيڪر واري ڪنگڊمس جي نظام ۾ تبديليون ڪري ھي نظام ٺاھيو ويو.

جنھن مطابق ڪنگڊمس ھي آھن:

(1) ڪنگڊم پروڪيريوٽي (Kingdom prokaryotae)
ھن ۾ سڀئي پروڪيريوٽس اچي وڃن ٿا. مثلاً بئڪٽيريا ۽ سائنو بئڪٽيريا

(2) ڪنگڊم پروٽاڪسٽا (Kingdom protoctista)
ھن ۾ اھي سڀ يوڪيريوٽڪ جاندار اچي وڃن ٿا جيڪي نه جانور، نه ٻوٽا ۽ نه ئي فنجائي آھن. مثلاً يوگلينا، پئراميشيم، ڪلئميڊوموناس، خمير وغيرھ.

(3) ڪنگڊم فنجائي (Kingdom fungi)
ھن ۾ بغير ڪلوروفل گھڻ گھرڙيائي جاندار اچي وڃن ٿا. جن ۾ سيل وال ۽ سينو سائٽڪ مادو مائيسيلم (Mycelium)ھوندو آھي مثلاً اگيريڪس (کنڀي) وغيرھ.

ڪنگڊم پلانٽي (Kingdom plantae)
ھن ۾ ڪلوروفل وارا گھڻ گھرڙيائي يوڪيريوٽڪ جاندار شامل آھن. جن ۾ جيوگھرڙي جي ٻاھران سيليولوز جي ڀت ۽ ڳڀيل آنو زائگوٽ ٿئي ٿو جن مان ايمبريو يا سلو نڪري ٿو. مثلاً صوف، سورج مکي.

رابرٽ ايڇ وٽيڪر (Robert H Whittaker) جي ڪنگڊمس ۾ تبديلي ڇو ڪئي وئي ؟

وٽيڪر جي خيال کي تمام گھڻي مڃتا ملي ھئي پر انھيءَ نظام ۾ ٻه مسئلا رھجي ويا ھئا اھي ھيءُ ھئا ته سڀني ھڪ گھرڙيائي جاندارن کي ڪنگڊم پروٽسٽا (Kingdom protista)   ۾ شمار ڪيو ويو ھو. جڏھن ته ھنن کان اڳ ۾ اھي جانور (پروٽوزوئنس) ۽ ھڪ گھرڙيائي الجي کي ٻوٽن ۾ شمار ڪيو ويو ھو. ٻيو مسئلو اھو درپيش آيو ته الجيءَ کي ٻن ڪنگڊمس يعني پروٽسٽا ۽ پلانٽي ڪنگڊم ۾ رکڻو پيو.

انھن مسئلن  مارگلس ۽ شوارٽز کي موقعو فراھم ڪيو ته ھو وٽيڪر واري ڏنل ڪنگڊمس واري نظام ۾ ردو بدل آڻين تنھنڪري تبديلي ڪئي وئي.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت