ايمفيبيا کي ڇو ٻٽيءَ زندگيءَ وارو جانور چون ٿا؟

ڪارڊيٽس جي بنيادي خاصيت جي فھرست ٺاھيو؟
ڪارڊيٽس (Chordates) يعني ڪرنگهي وارن جانورن ۾ موجود ھڪ سخت، لچڪدار ۽ راڊ (Rod) جھڙي مدد ڏيندڙ بناوت ٿئي ٿي جنھن کي مغزي ڏوري چئبو آھي اھا ھڪ بنيادي بناوت آھي. مغزي ڏوريءَ کان علاوھ سڀني ڪارڊيٽس  ۾پٺيءَ واري پاسي کان ھڪ پوري نليءَ جھڙي تنتي ڏوري (Nerve cord) ٿئي ٿي ۽ ڪيترائي فرينجيل گل سلٽس (Phyaryngal gill slits) ٿين ٿا. جيڪي جوڙن جي شڪل ۾ سوراخ ٿي نڙي (pharynx)  ۾داخل ٿين ٿا.
مغزي ڏوري (Notochord) پٺيءَ  واري پوري تنتي ڏوري (Nerve chord) ۽ فرينجيل گل سلٽس (Phyarangeal gill slits) ڪارڊيٽس جون بنيادي خاصيتون آھن.

ايمفيبيا کي ڇو ٻٽيءَ زندگيءَ وارو جانور چون ٿا؟
ايمفيبيا پاڻي ۽ خشڪي ٻنھي جاين تي زندگي گذاري ٿو انھيءَ ڪري کيس ٻٽيءَ زندگيءَ وارو جانور چون ٿا.

ٿڌي رت وارن ۽ گرم رت وارن جانورن جي اصطلاحن کي بيان ڪريو؟
ٿڌي رت وارا جانور اھڙن جانورن کي چيو وڃي ٿو جيڪي پنھنجي جسم جي گرميءَ جي درجي کي حالتن مطابق تبديل ڪري سگھندا آھن.
گرم رت وارا جانور اھڙن جانورن کي چيو وڃي ٿو جيڪي پنھنجي جسم جو گرميءَ جو برقرار رکندا آھن.

ورٽيبريٽس يعني ڪرنگهي وارا جانور ڇا آھن؟
ڪارڊيٽس جي ڪن گروھن ۾ مغزي ڏوري ڪرنگهي جي ھڏين جي ھڪ سلسلي سان تبديل  ٿي وڃي ٿي جن جي ترتيب ھڪ ڪالم (Column) جيان ٿئي ٿي جنھن کي ورٽيبرل ڪالم (Vertebra column) چئبو آھي. اھڙا جانور جن ۾ ورٽيبرل ڪالم ٿيندو آھي انھن کي ڪرنگي وارا جانور يا ورٽيبرٽيس چئبو آھي.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت