ڪلئميڊوموناس (Chlamydomons)

ڪلئميڊوموناس  (Chlamydomons)

ھي مٺي پاڻيءَ جي الجي آھي جنھن جي واڌ ويجھ تلائن، ڍنڍن، پاڻيءَ جي دُٻن ٽنڪين کڏن جي بيٺل پاڻي ۾ ٿيندي آھي. ھي ھڪ گھرڙي وارو (Unicellular) سائو يوڪيريوٽڪ ۽ حرڪت ڪندڙ الجي (Algae) آھي.

ھن جي شڪل گول بيضوي يا ناشپاتيءَ جھڙي آھي. ھن ۾ سيل وال (Cellwall) ، سيل ميمبرين (Cellmembrane)، سائٽو پلازم (Cytoplasm) ، نيوڪليئس (Nucleus)  ۽ ٻه فليجيلا (Flagella) آھن. گھرڙي جي ڀت سنھي پر مضبوط آھي جيڪا سيليولوز (Cellulose) ۽ پيڪٽن (Pectin) جي مرڪب مان ٺھيل آھي. سائٽوپلازم جو ٻاھريون حصو شفاف ۽ اندريون گھاٽو آھي سائٽو پلازم ۾ اينڊوپلازمڪ  ريٽيڪيولم (Endoplasmic reticulam) رائبوزمس (Ribosomes)، مائٽو ڪونڊريا  (Mitochondrea)، گالجي باڊيز (Golgi bodies)، ڪلوروپلاسٽ (Chloroplast) پائرينائيڊ  (Pyrenoid)، ڪنٽريڪٽائل وئڪيول (Contractile vacuole)، آئي اسپاٽ (Eyespot) موجود آھن.

پيالي نما ڪلوروپلاسٽ ھوندو آھي، جنھن جي ھيٺين حصي ۾ پائرينائيڊ آھي، جيڪو پروٽين ٺاھي ٿو. سائٽو پلازم جي اڳئين ڇيڙي تي ٻه ڪنٽريڪٽائل وئڪيول آھن. جيڪي ڌڙڪندڙ جسم آھن ۽ واري واري سان سسن ڦُنڊن ٿا. بيڪار مادا نيڪال ڪن ٿا. انھن کان مٿان ٻه فليجيلا آھن. پيالي نما ڪلوروپلاسٽ ۾ نارنگي رنگ جو اک جو نشان آھي جيڪو روشني محسوس ڪري ٿو. مرڪز وچ ۾ ھوندو آھي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت