جيو گھرڙي جي ورھاست مائٽو سز (Mitosis)

جيو گھرڙي جي ورھاست مائٽو سز (Mitosis) 

مائٽوسز جيوگھرڙي جي اھڙي ورھاست آھي جنھن ۾ ھر ھڪ جيوگھرڙن ۾ ڪروموزوس جو تعداد اھو ساڳيو رھي ٿو جيڪو اباڻي جيو گھرڙي ۾ ھو. جيتوڻيڪ مائٽوسز ھڪ لڳا تار عمل آھي پر ان کي چئن مرحلن ۾ ورھايو ويو آھي. جيڪي پروفير، ميٽافيز، ائنافيز ۽ ٽيلوفيز آھي.

(1)           پروفيز (Prophase)
ھن مرحلي ۾ ڪروميٽن مادو ننڍو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ ڌاڳن وانگر مڙيل نظر اچي ٿو. ڪروموزومس جو تعداد ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. ھي ڪروميٽڊس سنٽروميئر  Centromere)وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍيل ھوندا آھن مرڪز جو پڙدو غائب ٿيڻ لڳي ٿو سنيٽروسوم (Centrosome)ٻن سينٽريولس (Centrioles)۾ ورھائجي ٿو ھر سينٽريول ھڪ قطب ڏانھن ھلڻ لڳي ٿو ۽ وڪوڙيل ريشا ٺاھي ٿو. ٻوٽن جي جيوگھرڙي ۾ سينٽريولس نه آھن.

(2)           ميٽافيز (Metaphase) 
ھن مرحلي ۾ ھر ھڪ ڪروموزوم پنھنجو پاڻ کي وڪوڙيل شين سان گڏ خط استوا وٽ جمع ٿيڻ لڳي ٿو ھر ڪروموزوم پنھنجي سينٽروميئر وسيلي وڪوڙيل ريشن سان جدا جدا ڳنڍيل ھوندو آھي.

(3)           ائنافيز (Anaphase)
ھن مرحلي دوران سينٽروميئر ورھائجي وڃي ٿو ۽ ھر ھڪ ڪروموزوم جا ڪروميٽڊس ھڪٻئي کان جدا ٿي مخالف قطبن ڏانھن ھلڻ لڳن ٿا. اھڙي طرح ڪروميٽڊس قطبن تي اڌو اڌ ورھائجن ٿا.

(4)           ٽيلوفيز (Telophase)
ھن مرحلي ۾ ڪروميٽڊ جي چرپر بند ٿئي ٿي اھي ھاڻي وري ڪروموزومس سڏجن ٿا. ھنن جو ھر قطب تي اھو ساڳيو تعداد ملي ٿو جيڪو آبائي جيوگھرڙي ۾ ھو. ھاڻي انھن جي چوڌاري وري پڙدو ٺھڻ شروع ٿئي ٿو اھڙي طرح ھر قطب جي ويجھو ھڪ مرڪز وجود ۾ اچي ٿو جلدئي سائٽو پلازم پڻ ورھائجي وڃي ٿو ۽ ٻه ڌيئر جيوگھرڙا وجود۾ اچن ٿا جيڪي آبائي جيو گھرڙي جھڙائي ٿين ٿا.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت