Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

Branches of Biology

حياتيات جون شاخون

حياتيات جون وڏيون شاخون ٻه آھن، حيوانيات ۽ نباتيات ۽ ويھين صديءَ جي تحقيق حيوانات ۽ نباتات سان ملندڙ ٻيون به ڪيتريون شاخون بيان ڪيون  آھن ھيٺ انھن تي تعارفي نظر وجھون ٿا.

(1)                     حيوانات (Zoology) :
ھن شاخ ۾ جانورن جي متعلق اڀياس ڪيو وڃي ٿو.


(2)                     نباتات (Botany) :
ھن شاخ ۾ ٻوٽن جي متعلق اڀياس ڪيو وڃي ٿو.

(3)                     مارفالاجي (Morphology) :
ھن شاخ ۾ جانورن ۽ ٻوٽن جي ظاھري بناوت جون خاصيتون بيان ڪجن ٿيون.

(4)                     ائناٽامي (Anatomy) :
ھن شاخ ۾ جاندارن جي اندرين عضون جو اڀياس ڪيو وڃي ٿو، جيئن ٻوٽن ۾ پاڙ، ٿڙ، پن جانورن ۾ عضوا ۽ تاندورا وغيرھ.

(5)                     ھسٽالاجي (Histology) :
تاندورن بابت خوردبين ذريعي مطالعو ھن شاخ ۾ ڪيو وڃي ٿو.

(6)                     سائٽولاجي يا سيل بائيولاجي (Cytology or Cell Biology) :
ھن شاخ ۾ جاندارن جي جيو گھرڙي ۽ ان جي عضون جي بناوت، عمل ۽ جوڙجڪ جي متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ٿي.

(7)                     فزيالاجي (Physiology) :
ھن شاخ جو تعلق جاندارن جي مختلف حصن جي ڪم ڪار جي علم سان آھي.

(8)                     ايڪالاجي (Ecology) :
ھن شاخ جو تعلق جاندارن جي ھڪٻئي سان ۽ غير جاندار ماحول سان لاڳاپن متعلق ڄاڻ ملي ٿي. ھن شاخ کي ماحولياتي حياتيات (Environmental Biology) به چئبو آھي.

(9)                     ايمبريولاجي (Embryology) :
نر ۽ ماديءَ جي جنسي ميلاپ جي نتيجي ۾ ٺھندڙ گھرڙي (Zygote)  جي ٺھڻ کان وٺي مڪمل جاندار جي ٺھڻ تائين جي علم کي ايمبريولاجي چئبو آھي.

(10)              ٽئگزانامي (Taxonomy) :
جاندارن کي سُڃاڻپ جي لحاظ کان خاندان، ڪٽنب ۽ جنس وغيرھ ۾ ورھاست ڪرڻ واري علم کي ٽئگزانامي چئبو آھي.


(11)              جينيٽڪس (Genetics) :
جاندارن جي موروثي خاصيتن جي نسل درنسل منتقلي جي علم کي جينيٽڪس چئبو آھي.

(12)              پئلينٽالاجي (Paleontology) 
ھي انھن جاندارن جو علم آھي جيڪي اڳوڻي زماني ۾ ھوندا ھئا ۽ ھاڻي صرف پنڊ پھڻ (فاسلس (Fossils جي صورت ۾ آھن.
ھن علم کي ٻوٽن ۽ جانورن جي فاسلس جي حوالي سان پئليو باٽني (Palaeobotany) ۽ پئليو زولاجي (Palaeozoology) ۾ ورھايو ويو آھي.


(13)              بائيو ڪيمسٽري (Biochemistry) :
ھي علم جاندارن جي جسم ۾ ٿيندڙ ڪيميائي تبديلين ۽ عملن تي روشني وجھي ٿو.


(14)              مائڪرو بائيولاجي (Microbiology) :
ھي علم انھن جاندارن جي متعلق آھي جن کي صرف خوردبين وسيلي ڏسي سگھجي ٿو.


(15)              بائيو ٽيڪنالاجي (Biotechnology) :
اھو علم جنھن جي بنياد تي جانورن، ٻوٽن ۽ ننڍڙن جيوڙن وغيرھ کي انساني بهبود لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو تنھن کي بائيوٽيڪنالاجي چئبو آھي.





Back to Index


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more