Biology Terms with Definition
حياتيات اصطلاح
1. جيوگھرڙو (Cell):
جيوگھرڙو (Cell) زندگيءَ
جو ھڪ بنيادي ايڪو آھي. سڀئي جاندار جيوگھرڙن جا ٺھيل آھن جيوگھرڙا انھن جي جسماني
بناوت ۽ ڪم ۾ بنيادي ايڪي جو اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.
2. اوڄا (Tissues):
جيوگھرڙن جو ميڙ جيڪي بناوت ۽ ڪم ڪرڻ جي
لحاظ کان ھڪجھڙا ٿين ٿا انھن کي اوڄا
(Tissues)چئبو آھي.
3. پروڪيريوٽڪ
جيوگھرڙو
(Prokaryotic cell):
پروڪيريوٽڪ جيوگھرڙو اھڙو جيو گھرڙو آھي
جنھن ۾ حقيقي مرڪز نه ھوندو آھي يعني ته ھن ۾ مرڪز ڪنھن خاص نيوڪليائي پڙدي سان
ويڙھيل نه ھوندو آھي.
4. يوڪيرٽڪ جيوگھرڙو (Eukaryotic cell):
يوڪيريوٽڪ جيوگھرڙو اھڙو جيوگھرڙو آھي
جنھن ۾ حقيقي نيوڪليس ٿئي ٿو ۽ سندس نيوڪليائي مادو ھڪ خاص پڙدي سان ويڙھيل آھي.
5. ڪروموزوس (Chromosome):
جيوگھرڙي جي نيوڪليس ۾ موجود تاندورن
جھڙي ڄاريدار بناوت ڪروميٽن ڄاري
(network Chromatin ) چئجي
ٿي انھيءَ ڄاريءَ جا ڌاڳا يا تاندورا ٿين ٿا جن مان ھر ھڪ ڌاڳو ڪروموزوم (Chromosome) سڏبو آھي.
6. مائٽوڪونڊريا (Mitochondria):
جيوگھرڙي ۾ موجود لٺ نما يا رانھن جھڙا
ٻٽا جھليدار عضوا جيڪي جيوگھرڙي ۾ توانائي پيدا ڪن ٿا تن کي مائٽو ڪونڊريا چئبو آھي.
7. مائٽوسز (Mitosis):
جيوگھرڙي جي اھڙي ورھاست جنھن ۾ ڌيئر
گھرڙي ۾ ڪروموزوس جو تعداد اھو ساڳيو ھجي جيڪو آبائي گھرڙي ۾ ھو مائٽوسز سڏبي آھي.
8. مياسز (Meiosis):
جيوگھرڙي جي اھڙي ورھاست جنھن ۾ ڌيئر
گھرڙي ۾ آبائي گھرڙي جي ڪروموزوس جي اڌ جيترا ڪروموزومس ھجن مياسز سڏبي آھي.
9. ميرسٽيميٽڪ اوڄا (Meristematic tissues):
ھي ورھائجڻ جي صلاحيت وارا اوڄا آھن
جيڪي اثر ڪري پاڙ جي چوٽيءَ ۾ ٿيندا آھن ھنن جي ورھاست سبب ٻوٽي ۾ واڌ ويجھھ ٿيندي
آھي.
10.
مرڪب اوڄا (Compound tissues) :
پچييدا يا مرڪب اوڄا ٻن قسمن جا آھن
ھڪڙا زائلم
(xylem) ۽
ٻيا فلوئيم
(Phloem) اھي اوڄا
پسرائيندڙ ھوندا آھن.
11.
ملائيندڙ اوڄا (Connective tissues) :
ھي اوڄا ٻين اوڄن ۽ عضون کي پاڻ ۾ ملائي
سھارو ڏيڻ جو ڪم ڪندا آھن. ھي اوڄا نرم کان تما سخت ٿيندا آھن. ھي جسم ۾مختلف مادن
جي ٽرانسپورٽ جو ڪم سر انجام ڏين ٿا.
12.
نيوران يا تنتي جيوگھرڙا (Neurons):
نيوران تنتي نظام جو ايڪو آھن ھي
جيوگھرڙا بجليءَ وانگر پيغامن کي پھچائيندا
آھن. ھنن کي پيغام رسائيندڙ جيوگھرڙا چئي سگھجي ٿو.
13.
پائيرينائڊ (Pyrenoid)
اسپائرو گائيرا جي پٽيءَ جھڙي ڪلوروپلاسٽ
۾ ڊيگھھ تي بيشمار گول پروٽين جا ٺھيل جسم ٿين ٿا. انھن جسم کي پائيرينائڊ چئبو آھي.
14.
فنجائي (Fungi):
بغير ڪلورفل جاندارن جو اھڙو گروپ جن جو
جسم ھائيفي
(Hyphae) تي ٻڌل ھوندو آھي
۽ سيل وال فنگس سيليولوز جي ٺھيل ھوندي آھي فنجائي سڏبو آھي.
15.
آئسوگيمي (Isogamy):
فنجائي ۾ جنسي پيدائيشي عمل جو ھڪ طريقو
آھي.
16.
مائيسيليم (Mycelium):
فنجائي جي جسم کي مائيسيليم چئبو آھي
مائيسييليم فنجائي تاندورو آھي جيڪو ھائيفي تي مشتمل ھوندو آھي.
17.
ھائيفي (Hyphae):
ھائيفي ھڪجھڙن گھرڙن يا سينو سائيٽڪ،
گھڻ مرڪزن وارا ۽ بغير ڪلوروفل جي جسم آھن. جيڪي فنجائي جي مائيسيليم کي ٺاھيندا آھن.
18.
برائيوفائيٽس
برائيوفائيٽس سادي قسم جا ٻوٽا آھن جيڪي
زميني زندگيءَ تي ٻين جي ڀيٽ ۾ گھٽ مطابقت رکن ٿا. گھميل ڇانو وارين جڳھين تي ٿين
ٿا. ھي ايمفيبيس
(Amphibious) ٻوٽا آھن.
19.
ٻوٽا
(Pants):
ٻوٽا گھڻ گھرڙائي يوڪيريوٽڪ ۽ ڪلوروفل
وارا جاندار آھن جن ۾ گھرڙي جي ڀت سيليولوز جي ٺھيل آھي ۽ زائگوٽ وري ايمبريو ۾واڌ ويجھھ وٺي ٿو.
20.
ٽريڪيوفائيٽس (Tracheophytes):
ھي به ٻوٽا آھن. ٽريڪيو فائيٽ ۾
واسڪيولر تاندورا ھوندا آھن. اٽڪل سڀني ٽريڪيوفائيٽس ۾پاڙ ٿڙ ۽ پن ٿيندا آھن.
21.
جيمنواسپرم (Gymnosperm) :
جيمنو اسپرم اھڙا ٻوٽا آھن جن ۾ اوويول
اڻ ڍڪيل يا کليل ڪونس
(Cones) ۾
موجود ھوندا آھن. ھنن ۾ ميوو پيدا نه ٿيندو آھي. ھنن کي اگھاڙي ٻج وارا ٻوٽا به
چئبو آھي.
22.
اينجيواسپرم (Angiosperm):
اينجيواسپرم گلدار ٻوٽا آھن جن جوٻج
ميوي ۾لڪيل ھوندو آھي ھنن ۾ پاڙ، پن، گل ۽ ميوو موجود ٿين ٿا.
23.
اسپرميٽوفائيٽس (Spermatophytes) :
ٻج پيدا ڪندڙ ٻوٽن کي اسپرميٽو فائيٽس
چئبو آھي. ھن جا ٻه مُکيھ گروھ آھن. جيمنواسپرم ۽ اينجيواسپرم.
24.
عذائيت (Nutrition):
کاڌي
مان حاصل ٿيندڙ توانائيءَ وارا جزن کي استعمال ڪرڻ کي غذائيت چئبو آھي.
25.
روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) :
ٻوٽا جنھن عمل دوران پنھنجوکاڌو پاڻ
تيار ڪن ٿا. ان عمل کي روشنائي ترڪيب چئبو آھي.
26.
آٽوٽرفس (Autotrophs) :
پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندڙ جاندارن
کي آٽوٽرفس چئبو آھي.
27.
ھيٽروٽرفس (Heterotrophs):
ٻين جاندارن جو تيار ٿيل کاڌو استعمال
ڪندڙ جاندارن کي ھيٽروٽرس چئبو آھي.
28.
سيپروفائيٽس (Saprophyte):
مئل جاندارن جي نامياتي مادن تي ڀاڙيندڙ
ٻوٽن کي سيپروفائيٽس چئبو آھي.
29.
متوازن غذا (Balanced diet) :
اھڙي
غذا جنھن ۾ حياتياتي ماليڪيول جھڙوڪ نشاستو، پروٽين، چرٻي، وٽامن، معدنيات
۽ پاڻي موجود ھجن متوازن غذا سڏبي آھي يا جنھن غذا ۾ کاڌي جا سڀ جزا مناسب مقدار ۽
تناسب ۾ موجود ان کي متوازن غذا چئبو آھي.
30.
غذائي ڀوسو (Dietary fiber) :
غذائي ڀوسو کاڌي جي بيڪار جزن تي مشتمل آھي.
ڀاڄين ۽ ميون ۾ تاندورن جو ٺھيل آھي. جيڪو گھڻو ڪري انھن جي کل جي شڪل ۾ ھوندو آھي.
31.
پاسچر جوطريقو (Pasteurization):
کير کي کٽو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اُٻاريو
وڃي ٿو اھو طريقو پاسچر جو طريقو سڏبو آھي.
32.
پيري اسٽالسز (Peristalsis):
ايسوفيگس کان وڏي آنڊي تائين کاڌي جي
اڳتي وڌڻ ۽ ننڍن ننڍن جزن ۾ تبديل ٿيڻ کي پيري اسٽالسز چئبو آھي.
33.
اينزائيمس (Enzymes):
ڪنھن به جيو گھرڙي جي ڪيميائي عمل ۾ بطور عمل انگيز استعمال ٿيڻ وارن ڪيميائي
مادن کي اينزائيمس چئبو آھي.
34.
اپينڊيسائيٽس (Appendicitis):
وڏي آنڊي جي ھيٺين حصي اپينڊڪس ۾ زخم
ٿيڻ سبب الٽي ۽ پيٽ ۾ شديد سور جي شڪل ۾
ظاھر ٿيندڙ بيماريءَ کي اپينڊيسائيٽس چئبو آھي.
Comments
Post a Comment