Biology A multifaceted knowledge

حياتيات ھڪ گھڻ رُخو علم

حياتيات ھڪ گھڻ رُخو علم آھي. ھي علم ڪيميا، علم طبيعات، حساب، سماجيات، شماريات ۽ انھن جي شاخن سان واسطو رکي ٿو جيئن بائيو ڪيمسٽري، بائيو فزڪس، بائيوميٽري وغيرھ. انھن مان ڪجھ شاخون ھيٺ بيان ڪجن ٿيون.

(1)         بائيو ڪيمسٽري (Biochemistry) :
ھيءَ ڪيمسٽريءَ جي ھڪ مڪمل شاخ آھي جنھن ۾ ڪيمسٽري سان گڏ بائيولاجي جي خاصي ڄاڻ ھجڻ ضروري آھي ته جيئن بائيو ماليڪيولن جي ٺھڻ جي عمل کي سمجھڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ خاصي معلومات حاصل ٿئي.

(2)         بائيو فزڪس (Biophysics) :
ھيءَ فزڪس جي اھا شاخ آھي جنھن ۾ فزڪس جا قائدا ۽ قانون لڳائي جاندارن جي جسم ۾ ٿيندڙ عملن کي بيان ڪري سگھجي ٿو.
بائيو فزڪس جي شاخن مان ريڊيو فزڪس (Radio physics) به ھڪ شاخ آھي جنھن جي مدد سان شعاعون خارج ڪندڙ عنصرن جي استعمال سان زندھ جانورن ۽ انسانن جي جسم ۾ مختلف معلومات حاصل ڪري سگھبي آھي. اھڙيءَ طرح فزڪس جو حياتيات سان تعلق الٽرا سائونڊ (Ultrasound) ۽ ليزر ٽيڪنالاجي (Laser technology) جي استعمال سان به ظاھر ٿئي ٿو.

(3)         بائيوميٽري (Biometry) :
ھي مئٿميٽڪس (حسابن) جي اھا شاخ آھي جيڪا حياتيات سان پڻ گھرو تعلق رکي ٿي. جيئن ته جاندارن سان لاڳاپيل ڊيٽا جو استعمال يا جسم جي ماپ وغيرھ ھن علم جي مدد سان ڪري سگھبي آھي. مئٿميٽڪس ۽ شماريات جي ڄاڻ کان سواءِ حياتيات متعلق ڪابه تحقيق يا حاصل ڊيٽا جي ڇنڊڇاڻ ناممڪن آھي.

(4)         ھلت چلت واري حياتيات (Behavioral Biology) :
حياتيات متعلق ڪيئي حقيقتون جاندارن جي چال چلت مان به معلوم ٿين ٿيون. اھا ھڪ گھڻ رُخي سائنس آھي جنھن جو تعلق بائيو ڪيمسٽري، جينٽڪس، فزيالاجي، ايڪالاجي ۽ ارتقا جي نظريئي سان آھي.

(5)         سماجي حياتيات (Bio sociology):
ھي علم خاص ڪري سماجي ميل جول سان تعلق رکي ٿو ھي علم حياتيات کي سماجي سائنس ۽ انساني علمن سان ڳنڍي ٿو.

آخر ۾ اسان ائين چئي سگھون ٿا ته حياتيات جي علم جو تعلق سائنس جي سڀني شاخن سان ٿئي ٿو.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت