Biological Method


حياتياتي طريقو  (Biological Method)

زندگيءَ سان لاڳاپيل يا جاندارن طرفان پيدا ڪيل مسئلا سلجھائڻ لاءِ سائنسي طريقن جي استعمال کي حياتياتي طريقو (Biological Method) چئبو آھي.

جنھن جا ھيٺيان مرحلا آھن.


(1)         مشاھدو (Observation) :
حياتيات متعلق سوالن جا جواب مشاھدن ذريعي ئي ڳولڻ شروع ڪيا ويندا آھن اھڙو ڪو سوال چونڊ ڪرڻ کان پوءِ مشاھدا ڪري ان سان لاڳاپيل مناسب معلومات ڪٺي ڪئي ويندي آھي. مثال طور مليريا.


(2)         مفروضو (Hypothesis) :
مشاھداتي حقيقتن ۽ اڳ جمع ڪيل معلومات ۽ ڊيٽا (Data) جي آڌار تي ماھر ھڪ ذھين اندازو (Intelligent guess) لڳائين ٿا. اھڙو ذھين اندازو ھڪ بيان جي صورت ۾ مفروضو (Hypothesis) سڏجي ٿو، يعني مفروضو ھڪ عقلمندي وارو اندازو آھي.

مثال طور ھڪ مريض جي رت ۾ پلازموڊيم موجود ھئڻ تي اندازو لڳايو ويو ته پلازموڊيم مليريا جو سبب آھي.


(3)         گھٽائڻ (Deduction)  :
مفروضي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجھ دليلن تي ٻڌل اڳڪٿيون ڪبيون آھن يا ائين کڻي چئجي ته گھٽائڻ جو دارومدا مفروضن جو دليل تي ٻڌل صفائي پيش ڪرڻ تي آھي.

مثال طور ھيٺين مفروضي کي چڪاس ڪرڻ لاءِ ھيٺيون منطقي دليل گھٽائڻ (Deduction) لاءِ جاري ڪيو ويو ته ”جيڪڏھن پلازموڊيم (Plasmodium) ئي مليريا پکيڙي ٿو ته پوءِ مليريا جي سڀني مريضن ۾ اھو مرض موجود ھئڻ گھرجي.


ھاڻي اھو بيان تجربي جي بنياد تي تصديق ڪري سگھجن ٿا.


(4)         تجربو (Experiment) :

ان اڳڪٿي کي چڪاس ڪرڻ جو ايندڙ مرحلو تجربو آھي ته مفروضو (Hypothesis)  صحيح آھي يا غلط. ڪنھن به منطقي دليل کي چڪاس ڪرڻ وقت درحقيقت ھڪ مفروضو ئي چڪاس ڪيو ويندو آھي.

ان مقصد لاءِ سائنسدان ٻن قسمن جا تجربا ڪندا آھن.

ھڪڙا تندرست نمونا (Control groups) ۽
ٻيا اثر ورتل نمونا  (Experimental groups).

ھتي تندرست ماڻھن جي رت ۽ مليريا ۾ ورتل ماڻھن جي رت يعني ٻنھي قسمن جي رت کي ھڪجھڙين حالتن ۾ رکي تجربا ڪيا ويندا جنھن مان نتيجو ڪڍيو ويندو.


(5)         نتيجو (Result) :

مٿئين تجربي ۾ ڏٺو ويو ته مليريا جي سڀني مريضن جي رت ۾ پلازموڊيم (Plasmodium)  جيوڙا موجود ھئا جڏھن ته تندرست ماڻھن جي رت ۾ جيوڙا بلڪل نه ھئا انھن نتيجن مفروضي (Hypothesis) ۽ گھٽائڻ (Deduction)  جي تصديق ڪري ڇڏي ته ”پلازموڊيم ئي مليريا جو سبب آھي.


(6)         نظريو (Theory) :

مفروضي جي سچي يا ڪوڙي ھئڻ تي تحقيق ٿيندي رھندي جيئن جيئن ثبوت ھٿ ايندا ويندا تيئن تيئن تسليم ڪرڻ جا موقعا وڌاندا ويندا آخرڪار اھو ھڪ نظريي جي صورت اختيار ڪري وٺندو.

يعني ته نظريو سائنسي مفروضن جو ھڪ اھڙو سيٽ آھي جيڪو ھڪٻئي سان ٺھڪندڙ ھجي ۽ انھيءَ جي پٺيان ڪجھ ثبوت به ھجن جيڪي مڪمل طور تي ثابت ٿيل نه ھجن.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت