Biogenesis and Abiogenesis

ابائيوجنيسز (Abiogenesis)۽ بائيوجنيسز (Biogenesis)

ابائيوجنيسز (Abiogenesis)

زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ بابت ٻه متضاد خيال موجود آھن انھن مان ھڪ خيال ارسطو (Aristotle) پيش ڪيو ھن جي چوڻ مطابق جاندار جھڙوڪ: مڇي، ڏيڏر ۽ پاڻي وارا جيوڙا بي جان شين (مٽي) مان خودبخود وجود ۾ اچن ٿا اھڙي خيال کي ابائيوجنيسز (Abiogenesis) جو نالو ڏنو ويو آھي، جنھن جي وصف آھي ته:

”زندگي بي جان شين مان وجود ۾ اچي ٿي.“

ٻيو خيال فرانسسڪو ريڊي (Fransisco Redi)  پيش ڪيو ھن جي چوڻ مطابق زندگي بي جان شين مان نه پر پاڻ جھڙن جاندارن مان پيدا ٿيندي آھي. اھڙي خيال کي بائيوجنيسز (Biogenesis) جو نالو ڏنو ويو جنھن جي وصف آھي ته:

”زندگيءَ جو وجود زندگيءَ مان پيدا ٿئي ٿو.

بائيوجنيز جي ثابتي لاءِ فرانسسڪو ريڊي ٽي تجربا ڪيا جن کي ھتي بيان ڪجي ٿو.

تجربو نمبر 1:

ريڊيءَ ھڪ دٻي ۾ ڪجھ مئل نانگ رکيا ھن مشاھدو ڪيو ته انھن جي چوڌاري مکيون گڏ ٿي ويون ٽن ڏينھن کان پوءِ انھن مئل نانگن جي جسم ۾ ڪينئان پئجي ويا اٽڪل 81 ڏينھن کان پوءِ ڪينئان ھڪ پيوپا (Pupa) ۾ تبديل ٿي ويا. اُتان ڪجھ پيوپا ڪڍي ھُن ھڪ ٻئي دٻي ۾ جُدا ڪري رکيا پوءِ انھن کي ڪاغذ سان ڍڪي ڇڏيو. 8 ڏينھن کان پوءِ ھرھڪ پيوپا مان ھڪ ننڍي مک ٺھي پيئي ۽ اھي مکيون مئل نانگن جي مٿان ويٺل مکين جھڙيون ھيون. تجربي مان نتيجو نڪتو ته ڪينئان انھن مکين جا ٻچا ھئا جيڪي آنن مان ڦُٽي نڪتا ھئا اھي آنا نانگن تي گڏ ٿيل مکين لاٿا ھئا يعني ته مکيون ساڳئي قسم جي مکين مان وجود ۾ آيون.

تجربو نمبر 2:

ھن دفعي ريڊيءَ 8 بوتلون رکيون ۽ انھن ۾ مئل مڇيون ۽ نانگ وڌا. انھن مان 4 ڍڪي رکيائين ۽ 4 کُليل ڇڏيائين. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڏٺائين ته کُليل بوتلن ۾ ڪينئان پئجي ويا جڏھن ته بند بوتلن ۾ ڪينئان پيدا ڪونه ٿيا.

ڪجھ سائنسدانن ريڊيءَ جي ھن تجربي تي تنقيد ڪئي ته ڍڪيل بوتلن ۾ ھوا داخل ٿي نه سگھي ان ڪري ڪينئان ڪونه پيدا ٿيا ھنن جي خيال ۾ ڪينئن جي پيدا ٿيڻ لاءِ بوتلن ۾ ھوا جو داخل ٿيڻ ضروري آھي. ان خيال کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ريڊيءَ ٽيون تجربو ڪيو.

تجربو نمبر 3:

ريڊيءَ گوشت جا ڪجھ ٽڪرا ھڪ کُليل بوتل ۾ وجھي ان جو مُنھن ڄاريءَ سان بند ڪيو ته جيئن بوتل ۾ ھوا ته داخل ٿئي پر مکيون داخل ٿي نه سگھن ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھُن ڏٺو ته گوشت ۾ ڪينئان پيدا ڪونه ٿيا جيتوڻيڪ ھوا جي داخل ٿيڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ھئي.

مٿيان تجربا وزندار دليل رکن ٿا جن جي وسيلي ان خيال کي مضبوط ھٿي ملي ته: ”زندگي، زندگيءَ مان ئي وجود ۾ اچي ٿي نه بي جان مان“ يعني بائيوجنيسز جو نظريو صحيح آھي ۽ اَبائيو جنيسز جو نظريو غلط آھي.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت