بئڪٽيريا جي بناوت ۽ خاصيتون

بئڪٽيريا جي بناوت

بئڪٽيريا ھڪ گھرڙي وارا پرو ڪيريوٽس آھن ھي گھرڙي جي ڀت گھرڙي جي جھلي (Plasma membrane)  سائٽو پلازم (Cytoplasm) ۽ نيوڪليائي مواد (Nuclear material) تي مشتمل آھن. گھرڙي جي ڀت ڪيميائي طور پيچيدا آھي ھن ۾ سيلولوز نه آھي اھا ٿلھي ۽ غير  لچڪدار آھي ڀت امائنو ائسڊ کنڊ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪائٽن (Chitin) تي مشتمل ٿئي ٿي گھرڙي جوپڙدو ڪٿان ڪٿان ڀت سان چنبڙيل ٿئي ٿو پڙدي ۾ ڪيترائي سوراخ ٿين ٿا. ڪيميائي طور اھو لپڊس (lipids) ۽ پرٽين جو ٺھيل آھي ساھ  کڻڻ جو ڪم به پڙدو ڪندو آھي.

گھرڙي جو سائٽو پلازم داڻيدار آھي جنھن ۾ ننڍا خال (vacuole) رائبوزوم ۽ گلائيڪوجن  جا ذرڙا ٿيندا آھن. سائٽو پلازم ۾ اندرين پلازماجو پڙدو پلاسٽڊز ۽ مائٽو ڪونڊريا نه ٿا ٿين. گھرڙي ۾ باقاعدي نيوڪليئس نه آھي ڇو ته نيوڪليئس ۾ جھلي، نيوڪليولس، پلازما، ڪروموزومس نه ھوندا آھن. جڏھن ته ڊي  اين اي DNA ڪروميٽن جسمن طور موجود ھوندا آھن. ھن گھرڙي ۾ مخصوص ماٽوسز وارو عمل به ڪونه ٿئي ٿو. بائنريفشن وسيلي ورھاست ٿيندي آھي.

بئڪٽيريا جون خاصيتون

(1)           بئڪٽيريا انتهائي ٿڌ کان وٺي ٽھڪندڙ گرم چشمن ۾ به جيئرا رھن ٿا.
(2)           ھي ھڪ گھرڙي وارا پرو ڪيريوٽس آھن.
(3)           ھنن جي سيل وال ۾ سيلولوز نه آھي.
(4)           ھنن جو پڙدو ساھ کڻڻ جو ڪم به ڪندو آھي.
(5)           ھنن ۾باقاعدي نيوڪليئس نه ھوندو آھي.
(6)           ھنن ۾ بائنري فشن وسيلي ورھاست ٿيندي آھي.
(7)           ھي ويڪر ۾ 0.2 ملي مائڪرون کان 2 مائڪرون تائين ڊيگھھ ۾ 2 کان 10 مائڪرون تائين ٿين ٿا.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت