اڻپورو کاڌو ڇا آھي؟ اھو صحت لاءِ ڪيئن نقصانڪار آھي؟

پيري اسٽا لسز (Peristalsis)
کاڌي جي نالي ايسوفيگس (Esophagus) کان وٺي وڏي آنڊي تائين موجود مشڪن (Muscles) جي چر پر جي نتيجي ۾ کاڌو اڳتي وڌندو رھي ٿو.۽ ننڍن ننڍن جزن ۾ تبديل به ٿيندو رھي ٿو ان عمل کي پيري اسٽالسز (Peristalsis) چئبو آھي.

لبلبو (Pancreas) ۽ ان جي رطوبت
لبلبو (Pancreas) پن جھڙو ڊگھو عضوو آھي معدي ۽ آنڊي جي وچ ۾ ھيٺين پاسي ٿئي ٿو ھن مان نڪرندڙ رطوبتن کاڌي سڀني جزن تي انزائيمس سان ڀريل آھن لبلبي جي رطوبت کي لبلبي جو رس چئبو آھي. اھا ھڪ شفاف رطوبت آھي جيڪا لبلبي کان ننڍي آنڊي ۾ نيڪال ٿئي ٿي جنھن ۾ ڪيترائي اينزائيمس ۽ سوڊيم باءِ  ڪاربونيٽ شامل آھن.
لبلبي جا ٽي اھم اينزائيمس ھيٺيان آھن.
(1)           ايمائيليز (Amylase)  ھي نشاستي کي مالٽوز جي ننڍن جزن ۾ ٽوڙي ٿي.
(2)           ٽرپسن (Trypsin)  ھي پروٽين کي ننڍن جزن پئپٽائيڊس ۾ ٽوڙي ٿي.
(3)           لائيپيز (Lipase)  ھيءَ اينزائيم جي مدد سان ننڍن جزن ۾ تبديل ڪيل سڻڀ جي ماليڪيولن کي سادن ماليڪيولن ۾ چرٻيءَ جي تيزاب ۽ گليسرول ۾ ٽوڙي ٿي.

اڻپورو کاڌو ڇا آھي؟ اھو صحت لاءِ ڪيئن نقصانڪار آھي؟
اڻپوري کاڌي مان مراد گھٽ غذائيت ۽ غير متناسب غذائيت آھي.

گھٽ غذائيت (Under-nutrition)
صحت جو ھي مسئلو اھڙن غريب ملڪن ۾ عام آھي جتي ماڻھن لاءِ کاڌو اڻپورو آھي، خاص ڪري ڏڪار سٽيل ملڪن ايٿوپيا وغيرھ ۾ گھٽ کاڌي جي ڪري ٻار ان جو شڪار ٿين ٿا ٻارڙن جي ذھني توڙي جسماني نشوونما گھٽ ٿئي ٿي اھي ٻارڙا ھڏن جا پڃرا نظر ايندا آھن انھيءَ حالت کي ميراسمس (Merasmus) چئبو آھي.

غير متناسب غذائيت (Mal-nutrition) 
غير متناسب غذائيت اھا آھي جنھن ۾ صحت لاءِ ضروري غذائي جزن مان ڪوگھٽ ھجي يا بلڪل نه ھجي ھي مسئلو عمر جي ڪنھن به حد ۾ پيدا ٿي سگھي ٿو ان جو گھرو اثر حامل عورتن ۽ معصوم ٻارن تي  ٿئي ٿو. 5 سالن تائين جا ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا. آفريڪا ۽ ايشيا ۾ غربت ۽ ڏڪار سبب کاڌي ۾ پروٽين ۽ نشاستو اڪثر گھٽ ھوندو آھي. کاڌي ۾ پروٽين جي گھٽتائي اڪثر بيمارين کي جنم ڏئي ٿي  ۽ نشوو نما متاثر ٿئي ٿي.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت