جانورن جا
اوڄا
(Animal tissues)
جانورن جي اوڄن جا قسم ھيٺ بيان ڪجن ٿا.
(1)
چمڙيءَ وارا اوڄا (Epithelial tissues)
ھنن اوڄن جا جيوگھرڙا ھڪ سنھي تَھَ ۾
ٿين ٿا ۽ ھڪ ٻئي سان ويجھو مليل ھوندا آھن ھي اوڄا جسم ۾ مٿاڇري جو تَھَ ۽ عضون
جون ناليون ٺاھين ٿا. ھي اوڄا غدودن ۾ ٿين ٿا جتي مختلف تَھَ ٺاھين ٿا.
(2)
ملائيندڙ اوڄا (Connective tissues)
ھي اوڄا ٻين اوڄن ۽ عضون کي ملائي کين
سھارو ڏين ٿا. ھي اوڄا نرم به آھن ته سخت به آھن. چرٻي نرم اوڄو آھي. ڪاٽيليج ۽
ھڏا سخت اوڄا آھن. رت به ھن قسم جو اوڄو آھي جيڪو پاڻياٺ حالت ۾ ھوندو آھي ۽ جسم ۾
مختلف مادن جي ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪري ٿو.
(3)
مشڪن وارا اوڄا (Muscular tissues)
ھي اوڄا مشڪن جي ريشن جا ٺھيل آھن. ھن ۾
ھر ھڪ مشڪي ريشو ھڪ ڊگھو جيوگھرڙو آھي. جنھن ۾ سسڻ ۽ ڦنڊڻ جي خاصيت ھوندي آھي. جسم
۾ يا عضون ۾ چرپر ھنن اوڄن جي ڪري ٿيندي آھي.
(4)
تنتي اوڄا (Neurons tissues)
ھي اوڄا انھن جيوگھررن جا ٺھيل آھن
جن ۾نيورانس (Neurons) يا
تنتي جيوگھرڙا ٿين ٿا اھي جيوگھرڙا بجليءَ وانگر پيغام پھچائڻ جو ڪم ڪندا آھن.
تنتي سرشتي ۾ ھن قسم جا اوڄاٿين ٿا.
Comments
Post a Comment